سنڌ پوليس جون پگهارون ۽ گريڊز پنجاب پوليس برابر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ اينڊ سيفٽي ڪمپلين ڪميشن جو اجلاس اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، شرجيل ميمڻ، امداد پتافي، محمد علي عزيز، حسنين مرزا، شميم ممتاز، شهناز بيگم، سمورا پرائيويٽ ميمبر، چيف سيڪريٽري، آئي جي پوليس، پرنسپل سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري قانون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آئي جي پوليس سنڌ اجلاس ۾ پوليس پلان تي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس اهلڪارن جي پگهارن جا گريڊ برابر ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا جلد پنهنجي سفارش مرتب ڪندي. وڏي وزير چيو ته اسان پوليس کي مضبوط ڪيو آهي، پوليس کي وڌيڪ وسيلا ڏينداسين ته جيئن عوام پنهنجا مسئلا کڻي ٿاڻي اچڻ ۾ اطمينان محسوس ڪن. شهرين جي سيڪيورٽي سڀ کان اهم آهي. نئين پوليس پلان ۾ ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم شهرين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ پوليس کي پنهنجو ڪردار ڀلي ريت ادا ڪرڻو پوندو. هن آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو نئين پوليس پلان ۾ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي ۽ پوليس کاتي کي هڪ اهڙو فعال ادارو بڻايو وڃي ته جيئن عوام جو ڀرپور اعتماد ٿئي ۽ انهن جا پوليس بابت سمورا مسئلا ٿاڻن ۾ ترجيحي بنيادن تي حل ٿي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *