سنڌ ورهاڱي وارو معاملو، سنڌ اسيمبلي ۾ شرميلا فاروقي لڙڪ لاڙي ويٺي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ ورهاڱي واري معاملي تي وڏي وزير جي صلاحڪار شرميلا فاروقي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. تفصيل موجب سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن دهوان دار ۽ جذباتي تقريرون ڪيون پر پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي ته پنهنجي تقرير دوران بيحد جذباتي ٿي وئي ۽ سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي ڳوڙها ڳاڙي ويٺي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم کي اپيل ڪندي شرميلا فاروقي چيو ته منهنجا والدين به 0 6  سال پهريان هجرت ڪري ڪراچي آيا، اسان به مهاجرن ۾ شامل آهيون، پر خدارا مهاجر جي نالي تي سنڌ کي نه ورهايو، سنڌ اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، جڏهن ڏسو ورهاڱي جي ڳالهه، ونڊڻ جا مطالبا، ورهاڱي واري معاملي تي اسان کي تمام گهڻو ڏک ٿئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *