سنڌ هائيڪورٽ پ پ اي ايم پي اي علي نواز شاهه جي سزا رد ڪري ڇڏي،آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هائيڪورٽ پ پ اي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه جي سزا رد ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. علي نواز شاهه جي گهرواري پاران پنهنجي مڙس جي سزا ۽ گرفتاري کي سنڌ هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو هو، سنڌ هائيڪورٽ جي بينچ اهڙي درخواست تي اڳوڻي صوبائي وزير کي ايل بي او ڊي ڪرپشن ڪيس ۾ احتساب عدالت پاران 5 سالن جي ڏنل سزا رد ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته علي نواز شاهه کي نيب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ سزا ٻڌائي آهي ۽ اها سزا وڏي تڪڙ ۾ ڏني وئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پ پ ايم پي اي جي سزا رد ڪندي نيب اختيارين کي 21 سيپٽمبر تي گهرائي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *