سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ امتياز شيخ ۽ سعيد غني خلاف جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ نااهل ڪرڻ جي لاءِ آئيني درخواست داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن صوبائي وزيرن خلاف جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ نااهل ڪرڻ جي لاءِ آئيني درخواست داخل، اهڙي درخواست سول سوسائٽي جي اقبال ڪاظمي داخل ڪئي آهي، داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي وزير سعيد غني ۽ امتياز شيخ ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان رپورٽ ۾ چيو آهي ته امتياز شيخ ڏوهاري قسم جي ماڻهن جو سرپرست آهي، سعيد غني ۽ ان جو ڀاءُ فرحان غني ڏوهاري ۽ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندا آهن، درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، ٻئي وزير صادق ۽ امين به ناهن رهيا، انهن کي نااهل ڪيو وڃي، فرحان غني جو ڏوهارين سان ڳالهه ٻولهه جي سي ڊي آر به موجود آهي، پوليس تي سياسي اثر به استعمال ٿيندو رهيو آهي، ٻنهي وزيرن سان پوليس جا عملدار به ملوث آهن، پوليس عملدار شفقت چانڊيو، رياض، انور شيخ، ڪليم شيخ ۽ ٻيا ملوث آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *