سنڌ هاءِ ڪورٽ پهرين ڊسمبر کان شگر ملز هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ،پهرين ڊسمبر کان شگر ملز هلائڻ جو حڪم ڏيندي صوبائي حڪومت کان کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي ملهت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس، جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس شاهنواز طارق تي ٻـَڌل 2 رڪني بينچ، ميرپورخاص شگر ملز جي درخواست تي ٻــُڌڻي ڪئي. شگر ملز انتظاميه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ وارو اختيار شگر ملن کي ڏنو وڃي ۽ شگر ملن ڪمند جي پيڙهائي روڪڻ بابت پهرين ئي اسٽي آرڊر حاصل ڪيو هو. عدالت،موقف ٻڌڻ بعد اسٽي آرڊر پهرين ڊسمبر کان ختم ڪري شگر ملن کي ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪندڙ شگر ملز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته سمورين ڌرين جي گڏجاڻي ڪوٺائي کنڊ جو اگهه پڻ مقرر ڪيو وڃي ۽ پهرين ڊسمبر تي رپورٽ ڏني وڃي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *