سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کي اي ڊي خواجا کي عهدي تي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تي رهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي جبري موڪل خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران درخواست ڪندڙ چيو ته اي ڊي خواجه سٺي شهريت رکندڙ آفيسر آهي، هن پوليس کاتي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ان کي ميرٽ تي ڪم ڪرڻ کپي، هٽائي جبري موڪل تي موڪليو ويو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سينيٽر سعيد غني نجي ٽي وي چينل جي ٽاڪ شو ۾ چئي چڪو آهي ته اي ڊي خواجه کي اهڙين حالتن ۾ واپس نه اچڻ گهرجي جنهن جو مطلب آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي ان جي عهدي تان هٽايو پيو وڃي، عدالت اي ڊي خواجه کي عهدي تي رهڻ جو حڪم جاري ڪندي وفاقي، صوبائي حڪومت ۽ اي ڊي خواجه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 جنوري تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *