سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اي ڊي خواجا کي نه هٽائڻ وارو حڪم برقرار، ڪم جاري رکڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ( الله ڏنو خواجا) کي نه هٽائڻ وارو حڪم برقرار رکندي الله ڏني خواجا کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي نه هٽائڻ واري حڪم ۾ 13 اپريل تائين جي واڌ ڪندي آءِ جي سنڌ کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت ايڊوڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته آءِ جي جي مقرر جو طريقيڪار ڇا آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان آءِ جي مقرري بابت وڌيڪ تفصيل طلب ڪندي وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ان معاملي بابت ايندڙ ٻڌڻي تي قانون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *