سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، حڪومت 4 پابندي پيل تنظيمن جون ملڪيتون ضبط ڪيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته کيس حڪومت چئن ڪالعدم تنظيمن جي يو اين ايس سي ايڪٽ 1948 ۽ يو اين ايس سي فريزنگ اينڊ سيزيور آرڊر 2019 تحت 65 املاڪ ضبط ڪيون آهن. هن اها ڳالهه اڄ کيس حڪومت پاران دهشتگردي فنانسنگ  کي روڪڻ بابت کنيل اُپاءُ جي سلسلي ۾ آمريڪي وفد سان خيالن جي ڏي وٺي ڪندي چئي. وفد يو ايس ڪانگريس ۾ جم هائمز، سين پيٽرڪ ميلوني، يو ايس ڪانگريس مين ۽ ممبر هائوس پرماننٽ سليڪٽ ڪميٽي آن انٽيليجينس، آمريڪي قونصل جنرل روبرٽ سلبراسٽين ، ڊپٽي قونصل جنرل مسٽر ڊيرين ارڪي، مس ايمنڊا روگرس ٿرپي، مسٽر ايرون ٿرمين، مس ليزا ميجر، مسٽر نيل فلپس ۽ صالح شاهه تي ٻڌل هئا. وڏي وزير جي معاونت سيڪريٽري داخله قاضي ڪبير ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ڪئي.  وڏي وزير چيو ته يو اين ايس سي ايڪٽ 1948 ۽ يو اين ايس سي فريزنگ اينڊ سيزيور آرڊر 2019 تحت جماعت الداوا، فلاح انسانيت فائونڊيشن ۽ جيش محمد جا 59 املاڪ ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جا 6 املاڪ ضبط ڪيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين ۽ درويشن جي سرزمين آهي. ۽ هتان جا رهواسي ڀائيچاري ۽ محبت سان رهن ٿا ان ڪري ڪنهن به ڪالعدم تنظيم يا اداري جو هتي موجودگي نٿي ٿي سگهي ان ڪري يو اين سينڪشن ريجائم 1267 ۽ 1373 بابت ڪنهن به انفرادي قانوني ڪارروائي يا گرفتاري نه ٿي آهي. دهشتگردي فنانسنگ جا ڪيسز بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 47 (دهشتگردي فنانسنگ) جا ڪيس رجسٽر ٿيا آهن ۽ جنهن جو سنڌ پوليس جو دهشتگردي ٽوڙ کاتو جانچ ڪري رهيو آهي.  صوبائي داخله کاتو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ، فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي ميمبرن تي ٻڌل جي آئي ٽي ميمبر جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نان پرافٽ آرگنائزيشن (اين پي اوز) بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 527 يا 11.5 سيڪڙو سڀني فعال اين پي اوز جو سروي ڪيو ويو ۽ کيس دهشتگردي فناننسنگ بابت ڪردار جو احاطو ڪيو ويو. سروي ڊيٽا وزارت داخله حڪومت پاڪستان سان پڻ شيئر ڪيو ويو. هن چيو ته 4693 غير فعال يا غير موثر اين پي اوز کي ڊي-رجسٽر ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ 2828 غير فعال اين ٽي اوز جي ڊي-رجسٽريشن سماجي ڀلائي واري کاتي پاران عمل هيٺ آهن. هن چيو ته آئون هي چوڻ چاهيان ٿو ته 1613 اين پي اوز صنعت ۽ تجارت کاتي ۾ رجسٽر آهن جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ڊي-رجسٽريشن جو عمل هلندڙ آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 25426 اين پي اوز رجسٽر آهن جنهن مان 14834 صنعت کاتي ۽ 10592 اين پي اوز سماجي ڀلائي کاتي ۾ رجسٽر آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ 19 اين پي اوز جانچ هيٺ آهن جنهن ۾ 14 اين پي اوز ڪالعدم تنظيمن سان سلهاڙيل آهن جنهن ۾ جي يو ڊي، ايف آئي ايف ۽ جي اي ايم شامل آهن. جڏهن ته 5 اين پي اوز جي پڻ دهشتگردي فنانسنگ بابت جانچ ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ چيئرٽيز ايڪٽ 2019 جي قانون جي سنڌ ۾ لاڳو کانپوءِ غير رجسٽر اين پي اوز خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊرافٽ قانون جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن منظوري ڏني آهي. وڏي وزير چيو ته مختلف پاليسين مثال طور اين پي اوز جي رجسٽريشن ۽ کلون گڏ ڪرڻ بابت ضابطه اخلاق جاري ڪيو ويندو آهي ۽ دهشتگردي فنانسنگ بابت معاملن لاءِ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو آهي. اينٽي مني لانڊر بابت سنڌ حڪومت پاران ڪيل ڪارروائي بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هن سيڪريٽري داخله تحت اينٽي مني لانڊرنگ تي هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي آهي . ٽاسڪ فورس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اسٽيڪ هولڊرز مثال طور پاڪستان ڪسٽم، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ۽ وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آئي اي) سان اهم ايئرپورٽ تي ڪرنسي ڊيٽيڪشن يونٽن جي قيام لاءِ ڳالهائي ۽ ڪرنسي اسمگلنگ جو پتو لڳائي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري اهلڪارن جي استعدادڪار ۾ واڌ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سميت ڊپٽي ڪمشنر، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ ايجنسيز سان سيمينار ۽ ورڪشاپس ڪوٺايا ويندا آهن ته جيئن يو اين ايس سي جي حڪومتي منظورين بابت وضاحت ڪئي ويندي آهي ۽ شرڪت ڪندڙن سان لاڳاپيل ڄاڻ/رهنمائي شيئر ڪئي ويندي آهي. دوري تي ايندڙ وفد دهشتگردي فنانسنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت حڪومتي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *