سنڌ صوبي کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبي کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ هر قسم جا قدم کنيا ويندا. هن انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس اي ڊي خواجه ۽ ڪمشنر ڪراچي آصف حيدر شاهه کي اڄ کان شروع ٿيندڙ مهم دوران پوليو ٽيمن کي مڪمل فول پروف سيڪيورٽيءَ ڏيڻ سان گڏوگڏ سموريون لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪرڻ جون به هدايتون ڪيون ۽ گذريل پوليو مهم دوران رهجي ويل سمورن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن.وڏي وزير شهرين کي به اپيل ڪئي ته هلندڙ پوليو مهم دوران پوليو ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سرڪار جو ساٿ ڏين. سنڌ جي وڏي وزير ان عزم جو به پڪو پهه ڪيو ته اسان پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچائينداسين ۽ سنڌ صوبي کي پوليو کان پاڪ ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *