سنڌ صوبو ون يونٽ کان اڳ تعليم جي حوالي سان پاڻ ڀرو هو: وڏو وزير

سکر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبو ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ۽ آمر حڪمرانن جي دور ۾ تعليم جي شعبي ۾ پٺتي پيل رهيو هو پر هاڻي آمريڪي حڪومت جي امداد ۽ چونڊيل حڪومت جي گڏيل ڪوششن سبب تعليم جي شعبي ۾ ڪافي اڳتي وڌي آيو آهي ۽ جلد ٽنهي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر معياري تعليم ڏيڻ جي قابل بڻجي ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 8 سالن ۾ 10 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن، ڪيترائي بند پيل اسڪ ول کوليا آهن ۽ اسڪولن کي گھربل سهولتون فراهم ڪيون آهن. سيد قائم علي شاهه اهي ڳالهيون ڪالهه خيرپور ويجهو ڪوڙو ڳوٺ ۾ 7 ڪروڙ رپين جي آمريڪي امداد سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ مڪمل ڪيل اسڪول جي شاندار عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪرڻ وقت ڪيون. تقريب کي بختاور ڀٽو زرداري، ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ، يو ايس ايڊ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سينئر وزير تعليم نثار احمد کهڙو ۽ سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو پڻ خطاب ڪيو. وڏي وزير چيو ته ون يونٽ کان اڳ اڳوڻي خيرپور رياست ۾ پرائمري تعليم لازمي ۽ مفت هئي، ان سان گڏ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو انتظام به رياست جي حوالي هو پر ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ تعليم جي نظام کي تباهه ڪيو ويو، پر موجوده حڪومت تعليم جي ترقي لاءِ ڪيترائي غيرمعمولي قدم کنيا آهن، حڪومت بند پيل ست هزار اسڪولن مان ڪيترائي اسڪول کولرايا آهن، اسڪولن ۾ رهيل سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ساليانو 3500 رپيا وظيفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پرائمري تعليم جي شعبي ۾ اڃا به گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به 40 سيڪڙو ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. هن يقين ڏيکاريو ته آمريڪي حڪومت جي مالي مدد ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان اسين جلد باقي ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ اڳتي وڌي وينداسون. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ 2011 ۾ پيل غير معمولي برساتن وڏي تباهي آندي هئي. اهڙين حالتن ۾ آمريڪي حڪومت ۽ عوام سنڌ حڪومت ۽ عوام جي ڀرپور مدد ڪري مخلص دوست هئڻ جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي فلسفي تي عمل ڪندي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي تعليم شعبي کي اوليت ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي قونصل جنرل برائن هيٿ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يو ايس ايد پروجيڪٽ تحت 16 ارب رپين جي آمريڪي امداد سان سنڌ صوبي ۾ 106 اسڪول ٺهرايا پيا وڃن. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو مقصد پاڪستان جي نوجوانن ۾ موجود صلاحيتن کي موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي اڳتي وڌي عالمي برادري ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ ۾ هن قسم جي معياري اسڪول تعمير ٿيڻ سان تعليم جي شعبي ۾ هڪ نئون دور شروع ٿي سگهندو. تقريب کي خطاب ڪندي بختاور ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو  چيو هو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو صرف تعليم سان ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته شهيد محترمه سموري دُنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمان آبادي لاءِ پيغام ڏنو هو ته هو صرف تعليم جي مدد سان ئي پنهنجي مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا. نثار احمد کهڙو چيو ته آمريڪي حڪومت ايجوڪيشن مينيجمينٽ جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي انتهائي اهم مدد ڪئي آهي. افتتاحي تقريب ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ڊاڪٽر نفيسه شاهه، ايم پي ايز، معزز شهرين، اسڪولي ٻارڙن توڙي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *