سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان آدم شماري شروع ٿيندي، تياريون مڪمل

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري جي شروعات اڄ اربع کان شروع ٿيندي، جيڪا ٻن مرحلن ۾ 15 مارچ کان 25 مئي تائين مڪمل ڪئي ويندي، 19 سالن کانپوءِ آدمشماري لاءِ تمام تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،  سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ شامل ڪراچي جي 6 ئي ضلعن، حيدرآباد ۽ گهوٽڪي ضلعن توڙي ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ آدمشماري لاءِ سامان پهچايو ويو آهي، آدمشماري جي موقعي تي ڪراچي جي 14 علائقن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي آدم شماري ٽيمن لاءِ پوليس سان گڏ پاڪ فوج جا جوان به مقرر ڪيا ويا آهن.پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ماڻهن کي جدا ڳڻپ ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ موجوده ٻٽي شهريت وارن کي به ڳڻيو ويندو، تفصيل موجب آدمشماري جو پهريون مرحلو 15 مارچ کان شروع ٿيندو ۽ 15 اپريل تائين جاري رهندو جنهن کانپوءِ لاجسٽڪ جي منتقلي لاءِ 10 ڏينهن جو وقفو هوندو ۽ ان کانپو3 ٻيو مرحلو شروع ٿيندو جيڪو 25 اپريل کان شروع ٿيندو ۽ 25 مئي جاري رهندو، پهريان 3 ڏينهن گهرن يا آدمشماري لاءِ رکيا ويا آهن جنهن کانپوءِ 10 ڏينهن ۾ آدمشماري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، هڪ ڏينهن علائقي ۾ موجود بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ لاءِ رکيو ويو آهي، آدمشماري لاءِ ساڍا 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آدمشماري جي عمل ۾ هڪ لک 18 هزار 9 سئو ماڻهن کي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته فوج جا 2 لک جوان حصو وٺندا ۽ هر ڳڻپ واري سان هڪ جوان هوندو، پهريون ڀيرو گدڙن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو، آدمشماري دوران ڪنهن به قسم جي ڄاڻ يا شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ هيلپ لائين نمبر 080057574 به جاري ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *