سنڌ سرڪار 45 ڊاڪٽرز کي صحت کاتي ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ سرڪار پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين رٿائن ۾ او ايس ڊي طور مقرر 45 ڊاڪٽرز کي صحت کاتي ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ صحت کاتي پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين پراجيڪٽس ۾ او ايس ڊي طور مقرر 45 ڊاڪٽرنکي هٽائي اصل پوسٽن تي  موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ سرڪار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ او ايس ڊي طور مقرر ڊاڪٽرن کي هٽايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *