سنڌ سرڪار کي نه پر ڪراچي ۾ اسڪولن کي خطرا آهن: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ مشنري، انگلش ميڊيم ۽ او ليول جي تعليم ڏيندڙ  اسڪولن کي خطرا آهن پر سنڌ سرڪار کي ڪوبه خطرو نه آهي. وڏي وزير ڪراچي جي لياري ۽ ڪلفٽن وارن علائقن ۾ مختلف اسڪولن جو دورو ڪري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ اسڪولن جي سيڪيورٽي لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن ۽ ڪجهه اسڪولن کي خطره آهن جنهن لاءِ ڪراچي شهر کي ٽن زونز ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت کي ڪوبه خطرو نه آهي. ڪراچي ۾ حادثي جو شڪار ٿيل فوتين جا وارث پنهنجي پيارن جي لاشن لاءِ پريشان آهن پر وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته سمورن لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي آهي . وڏي وزير سان اسڪولن جي دوري دوران تعليم وارو وزير نثار کهڙو ۽ ٻيا عملدار به گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *