سنڌ سرڪار پاران اين ايف سي ايوارڊ تحت حصو نه ملڻ خلاف معاملو وفاق آڏو اٿارڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي جي رقم نه ملڻ سميت ناڻي جا ٻيا معاملي وفاق آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وڌيڪ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبي جو حصو وٺڻ بابت حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير نويد قمر، مراد علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي جا پئسا نه ملڻ ۽ ناڻيکاتي سان واڳيل مسئلن تي وفاقي سرڪار آڏو آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب خورشيد شاهه کي وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري سنڌ کي جائز حصو ڏيارڻ جي ذميواري به ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *