سنڌ سرڪار صحافين جي مالي مدد ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ  پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي  صحافين جي مالي مدد ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ  پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام جلد شروع ڪيو ويندو ته جيئن صحافي پنهنجا فرض سڪون سان ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات کاتي جي سينيئرن ڊائريڪٽرن جي اجلاس کي  خطاب ڪندي ڪيو.سيڪريٽري اطلاعات اعجاز حسين بلوچ به ان موقعي تي موجود هو. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته پيپلز ميڊيا سپورٽ پروگرام جي تحت صحافين جي مالي مدد سان گڏ انهن کي لائف ۽ هيلٿ انشورنس جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته پروگرام جي تحت انهن جي ٻارن جي فيس جي ادائيگي به ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ خاص ويزن رکندي هئي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به خواهش آهي ته صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اطلاعات کاتي جا سمورا شعبا پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻين. خاص ڪري سينيئر ڊائريڪٽرن جي ذميواري  آهي ته هو اطلاعات کاتي کي وڌيڪ فعال ڪن صوبائي وزير اطلاعات کاتي جي ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ڊائريڪٽر رٿا بندي ۽ ترقي کي هدايت ڪئي ته  حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جي آفيسن جي اڏاوت واري منصوبن ۾ معياري ڪم يقيني بڻائي. هن ايندڙ مالي سال ۾ ترجيح ۾ شامل پروگرامن تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريو. صوبائي وزير اشتهارن واري شعبي جي ڊائريڪٽر کي اخبارن جي وقت سر ادائيگي ڪرڻ ۽ رهتون جلد کان جلد ڪليئر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن اشتهارن ۾ شفافيت ۽ منصفاڻي ورڇ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي صوبائي وزير پريس انفارميشن جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ صحافين سان رابطو وڌائڻ جي هدايت ڪئي. سيد ناصر حسين شاھ ڊائريڪٽر فلمز کي صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جي باري ۾ مختصر دستاويزي فلمون ۽ ٻيا ويڊيو ڪلپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هن چيو ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جو ترجمان هئڻ ڪري خاص اهميت رکي ٿو، ان لاءِ سمورا آفيسر پنهنجا فرض محنت، لڳاءُ ۽ ذميوراي سان ادا ڪن هن چيو ته اطلاعات کاتي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر رٿا بندي۽ ترقي  غلام ثقلين، ڊائريڪٽر پبليڪيشن سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊائريڪٽر اطلاعات محمد سليم خان، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عزيز احمد هڪڙو، ڊائريڪٽر ايڊمن سيد عظيم شاهه، ڊائريڪٽر فلم شبيه صديقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن يوسف ڪابورو، سيڪشن آفيسر نظير احمد به موجود هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *