سنڌ سرڪار جي غائب 66 گاڏين مان 35 جوپتو لڳايو ويو، 31 جي ڳولا جاري: نثار کهڙي جو اعتراف

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ حڪومت ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جون ڪجهه گاڏيون غائب آهن، انهن جي باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهي ڪٿي آهن. اهڙو اعتراف سينيئر ۽ پارلياماني معاملن واري وزير نثار احمد کهڙو ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءُ جي ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس تي بيان ڏيندي ڪيو. نثار کهڙو اعتراف ڪيو ته سنڌ حڪومت جون 66 گاڏيون غائب هنيون انهن مان 35 گاڏين جي خبر پئجي وئي آهي ۽ اهي واپس ورتيون ويون آهن، باقي 31 گاڏين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ته اهي ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهن. هن چيو ته سرڪاري آفيسن جون بدليون ٿي وڃن ٿيون، انهن مان ڪي افيسر وفاقي هوندا آهن، اهي واپس هليا ويندا آهن، انهن وٽ جيڪي گاڏيون هونديون آهن، اهي واپس ناهن ڪيون وينديون ان جي ڪري گاڏين جو مسئلو پيدا ٿيندو آهي. هن چيو ته 82 اهڙيون گاڏيون به واپس ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪجهه آفيسرن وٽ غير قانوني طور تي هنيون. ڊاڪٽر سيما ضياءُ پنهنجي ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس ۾ چيو هو ته اهي غائب ٿيل گاڏيون غلط مقصدن جي لاءِ به استعمال ٿي سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *