سنڌ سرڪار جو ڏڪار متاثرن ۾ ڪڻڪ ورهائڻ بدران راشد ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿر پارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال جي حوالي سان ٿر ڪمشين جي رپورٽ بابت سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٿر ڪميشن طرفان ڏنل سفارشن کي نظر ۾ رکندي حڪومت جي ڪوششن ۾ ايندڙ رڪاوٽن دور ڪرڻ سميت غربت ۽ ڏڪار جي شڪار ٿري عوام لاءِ پائيدار حل جي ڳولا ڪرڻ لاءِ تفصيلي بحث مباحثو ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي سفارشن تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چئن ميمبرن تي ٻڌل ٿر ڪميشن جوڙيو هو، جنهن ۾ عبدالفتاح ملڪ، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان، سونو خان کنگراڻي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل شامل آهن. ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن موجب ڪميشن کي ٿرپارڪر ۾ موجوده بحران جا سبب ڳولڻ ۽ ان معاملي تي اختيارين طرفان کنيل قدمن ۽ ڪنهن به صوبائي کاتي طرفان ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال کي گهٽائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان صورتحال ۾ بحالي ۽ رليف جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ شامل آهن. انهيءَ بابت ڪميشن مشاهدو ڪيو ته ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائي کاتن ۾ رابطن جي گهٽتائي آهي، ۽ ڪميشن تعلقي ميونسيپل ايڊمنسٽريشن، اسپيشل انيشيٽيو ڊپارٽمينٽ، اين جي اوز ۽ صوبائي صحت کاتي وچ ۾ رابطن ۾ وڏي وٿيءَ جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪميشن ڏٺو ته صوبائي کاتن سماجي بهبود، ماحوليات، جنگلات، بهبودآبادي، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش آهي. ڪميشن سفارش ڪئي ته صوبائي کاتن جهڙوڪ صحت، خوراڪ، لائيواسٽاڪ، آبپاشي ۽ موسميات جي نمائندن تي مشتمل هڪ صوبائي مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي تحقيقي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ان ڪميٽيءَ جي قائدن ۽ ضابطن ۾ ٽه ماهي جامع رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪرڻ شامل هجي. ٿر ڪميشن اها به سفارش ڪئي ته غربت، خوراڪ، صحت، زراعت ۽ تعليم جهڙن شعبن جي بهتر منصوبابندي لاءِ نيوٽريشن پاليسي جوڙي وڃي، انڪري هر يونين ڪائونسل ۾ نيوٽريشن جا بنيادي مرڪز هئڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٿر ڪميشن ڏڪار واري پاليسيءَ بابت چيو ته حڪومت ڏڪار لاءِ جدا پاليسي ۽ عملي قدم کڻڻ لاءِ فريم ورڪ جوڙي ۽ ان حوالي سان ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي اهڙي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ادارن جي سرپرستيءَ لاءِ بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو. ٿر ڪميشن نشاندهي ڪئي ته مقامي آبادي ترقياتي منصوبن سان فائدا حاصل ناهي ڪري سگهي انهن لاءِ روزگار وارو حق پهرين ترجيح آهي. ڪميشن حڪومت تي زور ڀريو ته هو ڪوئلي جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ مقامي آباديءَ کي روزگار ڏيڻ لازمي قرار ڏئي. ڪميشن سفارش ڪئي ته قانون تي عملدرآمد ڪندي وڻن جي واپاري استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ ٿرپارڪر ۾ زمين جي ڪوالٽي ۽ معدني زخيرن جي تحفظ لاءِ هارپي جي واضع پاليسي جوڙي وڃي. ڪميشن مشاهدو ڪيو ته 1.3 ملين (تيرنهن لک) آباديءَ لاءِ هڪ ضلعي اسپتال آهي جيڪو موجوده بحران جو وڏو سبب آهي. هنن چيو ته گريڊ 17 کان 19 جي اسپيشلسٽ، ميڊيڪل آفيسر ۽ ٻيون 309 اساميون خالي آهن. ان تي صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان اسپيشلسٽ، ميڊيڪل آفيسر جي مقرريءَ لاءِ شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ان جو تحريري امتحان ڪالهه ورتو ويو آهي جڏهن ته سموارا مرحلا ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. سيڪريٽري صحت سعيد مڱڻيجي چيو ته ضلعي اسپتال کانسواءِ ٿرپارڪر ۾ 189 يوسي ڊسپينسيون به آهي ۽ ان کان علاوه هڪ نئين ضلعي اسپتال جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ هڪ مهيني اندر ان تي ڪم شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير صوبائي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته ضلعي اسپتال لاءِ وڌ کان وڌ فنڊ مختص ڪري ته جيئن هڪ سال اندر اسپتال قائم ڪري سگهجي. ٿر ڪميشن چيو ته پوري ضلعي ۾ 14 ايمبولينسون آهن جنهن مان 6 ايمبوليسون مٺي اسپتال ۾ استعمال ٿي رهيون آهن. ان تي وڏي وزير ٿرپارڪر ضلعي لاءِ 10 ايمبوليسون خريدڻ جي منظوري ڏني. ڪميشن ٻڌايو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي رهائش لاءِ ڪنهن به قسم جو انتظام نه آهي ۽ جيڪا به رهائشي سهولتون موجود آهن انهن کي نان ميڊيڪل عملو استعمال ڪري رهيو آهي ان تي وڏي وزير چيو ته انهن کي فوري طور تي خالي ڪرايو وڃي. ڪميشن غير تربت يافته دائين جي نشاندهي ڪئي ان موقعي تي صحت واري وزير ٻڌايو ته هنن ايل ايڇ ڊبليو جي ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهي مڊوائف واريون خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. اجلاس ۾ ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته ٿرپارڪر جو ڊوميسائل رکندڙ ڊاڪٽر به ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نه آهن ان تي ڪميشن سفارش ڪئي تي لازمي سروس ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ته جيئن ڊاڪٽر پنهنجن علائقن ۾ پنهنجو فرض نڀائن. ڪميشن حڪومت تي زور ڀريو ته فيملي پلاننگ ۽ رپراڊڪٽو هيلٿ ڪئير نيٽ ورڪ تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ان تي وڏي وزير پاپوليشن کاتي کي حڪم ڏنو ته اهي ٿرپارڪر ۾ پنهنجي ڪمن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميشن طرفان نشاندهي ڪئي وئي ته گهٽ عمر وارين شادين، ماء ۽ ٻار ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، امينائيزيشن جي گهٽتائي، انٽينيٽل ڪيئر ۽ صحت جي سهولت تي پهچ جو فقدان وڏا ڪارڻ آهن. جن جو تدارڪ وقت جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري ترقيات محمد وسيم ٻڌايو ته يورپين يونين جي سهڪار سان ٿرپارڪر سميت ستن ضلع لاءِ اٺن ارب رپين جو نيوٽريشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي ٿرپارڪر ۾ فوري طور تي عملدرآمد ڪرائڻ ضروري آهي. ڪميشن ٻڌايو ته آر او پلانٽس پنهنجي مڪمل صلاحيتن مطابق ڪم نه پيا ڪن ۽ انهن جي مرمت کي يقيني بڻايو وڃي ان تي وڏي وزير اسپيشل انيشيٽو ڊپارٽمينٽ کي آر او پلانٽس جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ڪميشن ٿرپارڪر ۾ آبپاشي ۾ بهتري لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ زور ڀريو ته جيئن ريگستاني ضلعي ۾ غربت گهٽ ٿي سگهي ۽ خوشحالي اچي. وڏي وزير سيڪريٽري زراعت کي ٿرپارڪر لاءِ خاص اسڪيم جوڙڻ ۽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٿر ڪميشن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ 563 اسڪول آهن جنهن ۾ استادن جي 989 اساميون خالي آهن. ضلعي ۾ هڪ لک نوي هزار ٻار پرائمري ۾ داخل آهن جنهن مان 22 هزار رڳو ميٽرڪ ۾ پهچندا آهن. قائم مقام سيڪريٽري تعليم مختيار سومرو ڪميشن جي رپورٽ تي اعتراض ڪندي چيو ته ٿر ۾ 4008 اسڪول آهن جنهن مان 3719 پرائمري، 243 مڊل، 39 سيڪنڊري ۽ 7 هائر سيڪنڊري اسڪول آهن. هن ٻڌايو ته انهن سمورن اسڪولن ۾ ڪل داخلا 149992 آهي جنهن ۾ 93178 ڇوڪرا ۽ 56814 ڇوڪريون شامل آهن. ٿرپارڪر ۾ 5148 استاد آهن جنهن مان 4548 مرد استاد ۽ 600 عورت استاد آهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ڪميشن جي رپورٽ جامع آهي جنهن تي تفصيلي بحث مباحثي جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي تحقيقي رپورٽ اهم آهي ۽ ان تي کلي ذهن سان غور ۽ فڪر جي ضرورت آهي. هن چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته ان رپورٽ جي حوالي سان سمورن سيڪريٽرين جو اجلاس گهرائي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي تجويزن سان اچن. هن چيو ته هو ٿرپارڪر واري معاملي تي تمام ڪوششن سان حل ڪرڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *