سنڌ سرڪار جو تاريخي فيصلو، پي اي ايف ۽ سنڌ حڪومت ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ تاريخي فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت ايمبيولنس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ 60 مڪمل سامان سان آراستا گاڏيون شامل آهن. ان حوالي سان پيشنٽس ايڊ فائونڊيشن (پي اي ايف) سان هڪ معاهدو ڪيو ويو آهي جنهن تحت اها سروس پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊ تحت شروع ڪئي ويندي. ان حوالي سان پي اي ايف ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ معاهدي سان پي اي ايف پاران مشتاق ڇاپرا ۽ سنڌ حڪومت پاران سيڪريٽري صحت عثمان چاچ وزيراعليٰ هائوس ۾ صحيون ڪيون. صحي ڪرڻ واري تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪريٽري سيد نجم شاهه، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر دابر، پي اي ايف جو زاهد بشير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جناح اسپتال ڊاڪٽر سيمي جمالي، جناح اسپتال جو ڊاڪٽر طارق محمود، امن هيلٿ ڪيئر سروس جو مرتضيٰ وهاب قاسمي شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال دوران امن ايمبيولنس سروس سنڀاليندي ۽ ان کي پي اي ايف جي سهڪار سان ڪراچي شهر ۾ هلايو ويندو ۽ انهيءَ سلسلي جي ٻئي مرحلي ۾ 60 گاڏين کان وڌائي 2019ع تائين 200 ايمبيولنس گاڏين جو اضافو ڪيو ويندو. واضح رهي ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ اهڙو هڪ پائليٽ پروجيڪٽ 25 لائف سيونگ ايمبيولنس سنڌ پيپلز ايمبيولنس سروس جي نالي سان اڳئي ئي هلي رهيون آهن ۽ سروس گذريل ٻن ورهين کان ڪاميابيءَ سان هلي رهيون آهن. اهڙي طرح سنڌ حڪومت ۽ امن وچ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت معاهدو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي سميت صوبي جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ان سروس کي وڌايو ويندو جنهن جو ڄاڻايل نالو سنڌ ايمرجنسي ميڊيڪل سروس تجويز ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ايمبيولنس سروس کي سنڌ جي سمورن ضلعن تائين نون نالن سان توسيع ڏني ويندي. هن چيو ته موجوده ۽ ان سان گڏ توسيع ڪيل سروس عوام يج بهتر مفاد ۾ مفت ۽ فوري طور تي دستياب هوندي ۽ ان سان خاص طور محروم طبقي جي همٿ  افزائي ٿيندي ۽ ان اهي ان مان فائدو حاصل ڪندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *