سنڌ سروس ٽربيونلز جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي ملازمت جي مدت 3 سالن بدران 2 سال ڪئي وئي ، بل منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن صبح جو 10 وڳي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس ۾ هڪ بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو جنهن تحت سنڌ سروس ٽربيونلز جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي ملازمت جي مدت 3 سالن بدران 2 سال ڪئي وئي . هي بل ( سنڌ سروسز ٽربيونلز ٻيو ترميمي ايڪٽ 2015 )ع سڏائيندو. جنهن تحت سنڌ حڪومت ٽربيونلز جي چيئرمين ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مشاورت سان ڪندي . ان مقرري جي مدت 2 سال هوندي ۽ اها مقرري صرف هڪ ڀيرو جي لاءِ هوندي . ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ انڊس يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي قيام جو بل متعارف ڪرايو ويو جڏهن ته ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ڪوهستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جا بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽن حوالي ڪيا ويا. اهي ڪميٽيون 15 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪنديون . سنڌ اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته گورنر سنڌ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آف ميڊيڪل سائنسز سنڌ بل 2014 پنهنجي پيغام سان گڏ ٻيهر غور ڪرڻ جي لاءِ واپس ڪري ڇڏيو آهي. اسيمبلي گورنر جي پيغام جي منظوري ڏيندي بل جي به ٻيهر منظوري ڏئي ڇڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *