سنڌ حڪومت 76 هزار کان وڌيڪ ويڪسين جا ڊوز ضايع ڪري ڇڏيا، حليم عادل شيخ بليڪ پيپر جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ صوبي ۾ سرڪاري شعبي ۾ طبي سهولتن جي ابتر صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ جي صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي بليڪ پيپر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۽ صحت جي شعبي جي حالت خراب ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ صحت جي بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ناگزير آهي. صوبي جي عوام کي پاڪستان جي ٻين صوبن وانگر بهتر طبي سهولتون ملي سگهن ٿيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 20 لک رپين تائين هيلٿ انشورنس ڪوريج ڏني آهي. خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ ٻين علائقن جي هر شهري کي 1 ملين رپيا صحت ڪارڊ جي مد ڏنا پيا وڃن ته جيئن هو پاڪستان جي بهترين خانگي اسپتالن ۾ طبي سهولتون حاصل ڪري سگهن پر سنڌ حڪومت صرف سياسي سببن جي ڪري هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته اها پي ٽي آئي حڪومت فلاحي اسڪيم آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت ان جي مخالف ڪري عوام دشمني جو ثبوت ڏيئي رهي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي ڊاڪٽر ۽ ٻيو پيرا ميڊيڪل اسٽاف نٿو ملي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ مريض هميشه دوائن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار ٿين ٿا، جيڪڏهن ڪو مريض مري وڃي ته ان کي کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس به نٿي ملي. هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ لاشن کي گڏه گاڏين ۽ رڪشا تي کڻي وڃن ٿا، اسپتالن ۾ صفائي جو ناقص انتظام آهي، سنڌ جي اسپتالن ۾ هڪ بيڊ يا ٻه ٽي مريض بينچن ۽ فرش تي رکيا وڃن ٿا جيڪو اهو معمول بڻيل آهي سنڌ جو سرڪاري اسپتالون ريفر سينٽر بنيل آهي 14 سالن ۾ صحت کاتي جي شعبي ۾ 760 ارب کان مٿي خرچ ڪيا ويا تنهن هوندي سرڪاري اسپتالون اين جي اوز جي حوالي ڪري ون ونڊو آپريشن تحت ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي .حليم عادل شيخ چيو ته صوبي جي لڳ ڀڳ سمورن ڳوٺاڻن ۽ پرائمري هيلٿ سينٽرن ۽ تعلقي ۽ ضلعي سطح جي اڪثر طبي سهولتن مان مريضن کي وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ ريفر ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي به صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب مريضن کي طبي سهولتون ميسر ناهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪتن جي چڪ سبب ڪيترائي متاثر خاص ڪري ننڍڙا ٻار ان ڪري زندگيون وڃائي ويهندا آهن ڇاڪاڻ ته اينٽي ريبيز ويڪسين موجود نه آهي. هن پيپلزپارٽي جي ترجمانن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو صحت جي شعبي ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي فخر ڪري رهيا آهن ۽ ڪوڙي دعوائون ڪري رهيا آهن، سنڌ توڙي ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو علاج لاءِ سنڌ اچي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت کي ڏسجي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون بنيادي سهولتون به ميسر ناهن.  هن چيو ته ماڻهو سندس طنزيه بيانن تي تڏهن ئي يقين ڪندا جڏهن پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ وزير علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ بدران سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ شروع ڪن. پيپلز پارٽي اربين روپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي سنڌ جي اسپتالن ۾ نه ته دوائون ميسر آهن ۽ نه ئي سرڪاري سطح تي مريضن لاءِ ايمبولينسون موجود آهن. سنڌ جا وزير صحت ڪارڊ جي مخالفت ڪري سنڌ جي عوام سان دشمني ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هر شهري وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو ته پوءِ هر مريض وڏين اسپتالن ۾ زرداري سميت ٻين وزير سان گڏ ويهي خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهندا. جيڪڏهن سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون بهتر ڪم ڪري رهيون آهن ته پوءِ زرداري سميت ٻيا وزير علاج لاءِ خانگي اسپتالن ۾ ڇو وڃن ٿا؟ حليم عادل شيخ چيو ته مرتضيٰ وهاب غلط انگ اکر ڏنا آهن ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي ڪارڪردگي تي غلط بيان ڏنو آهي، اين آءِ سي وي ڊي ۾ پرچي ڪٽرائيندر جو انگ به علاج ڪرائيندڙن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ رپورٽ موجب هر سال 25 هزار مريضن جو علاج ڪيو ويندو هي 6 ارب رپين جي سالياني بجيٽ آهي جڏهن ته 13 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، ادارا 16 ارب جو قرضي بڻجي ويو، پوسٽنگ سياسي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي هڪ رٽائرڊ شخص کي ڪمپني جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي ۽ کيس ڪروڙين رپيا ماهوار پگهار ڏني پئي وڃي. 2019ع کان 2020ع تائين نديم قمر کي 256.4 ملين رپيا پگهار ڏني وئي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته وفاق سنڌ جي عوام لاءِ ويڪسين سميت ٻيو طبي سامان فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت 76 هزار کان وڌيڪ ڪرونا جي ويڪسين جا ڊوز ضايع ڪري ڇڏيا آهن گورنر جي ڀاءُ عدنان اسماعيل جي پٽ کي ڪتي چڪ هنيو جنهن لاءِ به اسپتالن ۾ ويڪسين موجود ناهي وڏي مشڪل سان وڏي خانگي اسپتال مان ويڪسين خريد ڪئي. سنڌ جي حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، سنڌ جو عوام ايڊز ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جا 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جا ڪيس وڌي رهيا آهن، صحت کاتو ان تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *