سنڌ حڪومت 37 ٽي ايم اوز ۽ ٽي اوز کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر( سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 37  ٽائون ميونسپل آفيسرن ۽ ٽائون آفيسرن کي حڪم نه مڃڻ  ۽  بار بار خرچن جا تفصيل مڪاني کاتي ۾ جمع ڪرائڻ واري هدايت تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري آر ايس او 2000 تحت معطل ڪري ڇڏيو آهي . معطل ٿيل آفيسرن جو تعلق ڪراچي، سڪرنڊ، اوٻآوڙو، سنجهورو،ڪنري، پنو عاقل ،جهڏو سميت سنڌ جي ٻين ضلعن سان آهي. انهن سمورن آفيسرن کي 22-6-2014 تي شوڪاز ۽ بعد ۾ 27-6-2015 تي آخري سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيا ويا، ان جي باوجود انهن سمورن آفيسرن پنهنجي پنهنجي ٽائون جيڇهن مهينن جي خرچن جا تفصيل جمع نه ڪيا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بيهر ڪيو آهي ته هاڻ بلديات کاتي ۾ گهوسٽ ۽ ڪرپٽ ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي مالزمن ۽ آفيسر سرڪاري هدايتن جي ابتڙ ڪنهن به سرگرمي ۾ ملوث ٿيا يا ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت مليا ته انهن کي سندن نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو. تفيصل موجب صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حڪن جي خلاف ورزي ۽ سرڪاري طور تي ٽائون  کي ملندڙ رقم جي خرچن جا تفصيل مڪاني کاتي ۾ جمع نه ڪرڻ سبب  سنڌ جي 37 ٽي ايم اوز ۽ ٽي اوز کي معطل ڪريڇڏيو آهي. معطل ٿيندڙ ۾ عامر ڀٽو (ايڊمن برانچ)، فيصل حسن ڏاهري(ايڊمن برانچ)، عبدالرسول کوسو ( ٽي او سڪرنڊ)، سيد محمد علي شاهه(ايڊمن برانچ)، ميان عمران (ٽي اوصالح پٽ)، خالد خان خروش، وقار احمد سومرو (ٽي او اوٻاوڙو)، سيد جاويد حسين شاهه (پنو عاقل) آغا خليق احمد خان دراني، سيد احسن علي شاهه( سوڀوديرو)، آغا امجد علي پٺاڻ(ڳڙهي خيرو)، منظور حسين سميجو، گدا حسين زرداري، شفقت حسين منگراڻي( جهڏو)، باغان خان نندواڻي (تنگواڻي)، لياقت علي ڀٽي، عابد ولي کوسو (مانجهند) امر لعل اڪراڻي، علي احمد مگسي (سي ايم او هالا)، اقتدار علي جعفري، محبوب علي بريري( شهيد بينظير آباد) عبدالحميد شيخ (ڏيپلو)، ماجد انور سيهڙ، ابراهمي عمراڻي ( ٽنڊو آدم) وحيد پنهيار، اعجاز احمد ملاح ( ميرو خان) انس الرحمان سيال (ڊي ايم سي ڪورنگي) ، ظهور احمد لکن(نوشهرو فيروز)، سيد اعجاز علي شاهه (ملير)، اياز حميد الله بلوچ (ملير) عالمگير جوڻيجو( سنجهورو)، مهتاب علي خواجه (سامارو)، فياض علي شاهه، سيد علي حيدر شاهه سجاد علي مغيري ، زين العابدين ملڪ (ڪنري)۽ عزيرالرحمان تنيو شامل آهن . انهن سمورن مالازمن کي آخري سبب ڄاڻايو نوتيس جي ذريعي پنهنجي خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيڻ باوجود انهن پاران تفيصل جمع نه ڪرائڻ سبب کين معطل ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻ مڪاني ادارن واري کاتي سميت سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن مان گهوسٽ ۽ ڪرپٽ ملازمن خلاف ڪرڪ ڊائون جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي فقط انهن ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون وينديون، جيڪي پنهنجا فرض ايمانداري سان مڪمل طور سرانجام ڏيندا. شرجيل انعام ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر عزم جو اظهار ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ خاص طور بلديا ت کتي مان گهسٽ ملازمن جي خاتمي تائين هن جي اها مهم جاري رهندي ۽ جيستائين هو انهن کاتن مان گهوسٽ ملازمن جو خاتمو نه ٿو ڪري سڪون سان نه ويهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *