سنڌ حڪومت ۾ ڪا به تبديلي نه پئي ٿئي: شرجيل ميمڻ

 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٿرپارڪر هن ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل علائقو آهي ۽ اتي هڪ ٻار جي فوتگي به افسوس جوڳي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ روزانو پيدائشي ۽ هڪ سال تائين جي عمر جا 600 ۽ ساليانو 2 لک ٻار مختلف سببن جي ڪري فوت ٿي رهيا آهن. ٿرپارڪر جي حوالي سان ميڊيا ۾ ايندڙ رپورٽ ڪوڙي آهي ۽ ان جو لاڳاپيل وزير به اظهار ڪري چڪو آهي. منهنجي فارم هائوس تي موبائيل ميڊيڪل يا ايمبولينس کي ميڊيا ثابت ڪري ته آئون سياست ئي ڇڏي ڏيندس. ڪوڙا الزام ڪير به لڳائي سگهي ٿو، پر ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري۽ حقيقت تي ٻڌل خبرن کي نشر ڪري. سنڌ ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه تبديلي ناهي ٿي رهي ۽ نه ئي سومر تي لنڊن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو پارٽي اجلاس ٿي رهيو آهي. هو سومر تي سنڌ اسيمبلي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿرپارڪر ۾ ايندڙ آفت قدرتي آهي ۽ برسات نه پوڻ سبب اتي ڏڪار اچي ٿو. هن چيو ته حڪومت قدرتي آفت کي روڪي نٿي سگهي، بلڪه اسان ان قدرتي آفت جي نتيجي ۾ اتي جي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي ازالي لاءِ اڳوڻا 5 سال ۽ موجود سال ۾ جيڪي اپاءُ ورتا آهن انهن جي ملڪي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي. هن چيو ته وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري جي رپورٽ آهي ته پاڪستان ۾ ساليانو 2 لک، ماهوار 18 هزار ۽ روزانو 600 ٻار مختلف سببن جي ڪري مري وڃن ٿا، پر ميڊيا انهن کي هاءِ لائٽ ڪرڻ بجاءِ صرف ٿرپارڪر جي روزانه جي ڳڻپ تي پنهنجو مڪمل فوڪس ڪيو بيٺي آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ فوتگين جي ذميواري سان اسان تي الزام نه لڳائڻ گهرجن، حڪومت جي ذميواري آهي ته هو فوتگين کي روڪڻ لاءِ اپاءُ کڻي ۽ سنڌ حڪومت ان لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پر ميڊيا کي گهرجي ته هو ملڪ ۾ روزانو 600 ٻارن جي مرڻ کي به هاءِ لائٽ ڪري ۽ ٻڌائي ته ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، اسلام آباد سميت ٻيا اهي علائقا جيڪي ٿرپارڪر جي مقابلي ۾ وڌيڪ ترقي يافته آهن اتي ڪيترا موت ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿرپارڪر جي حوالي  سان جيڪي رپورٽ ميڊيا تي پيش ڪئي وئي آهي اها ڪوڙي آهي ۽ ان رپورٽ تي نه ته لاڳاپيل وزير يا ڪنهن به آفيسر جي ڪابه صحيح ناهي. هن چيو ته ٿرپارڪر جي حوالي سان ڪوڙي رپورٽ جو لاڳاپيل وزير به اظهار ڪري چڪو آهي ان لاءِ منهنجي ميڊيا کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به خبر يا رپورٽ جي حقيقت کي ڏسي ان کي نشر يا شايع ڪن ته بهتر ٿيندو. هن چيو ته اڄ اسان ميڊيا کي آزاد ته چئون ٿا، پر جهڙي ريت خبرون نشر ڪري رهيا آهن ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميڊيا شايد ڪٿان به آزاد ناهي. هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ سنڌ حڪومت ڏڪار کان متاثر عوام لاءِ اربين رپين جي مفت ڪڻڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽس فراهم ڪيا آهن. ان کان علاوه ٿرپارڪر جي ترقي ۽ اتي ترقياتي ڪمن لاءِ جيڪي فنڊز خرچ ڪيا آهن ان جي پيپلز پارٽي جي حڪومت کان علاوه ڪٿي مثال نٿي ملي. هن چيو ته اڳوڻي 5 سالا ۽ موجود هڪ سال دوران جيڪي ٿرپارڪر لاءِ ڪم  ڪيا آهن ان ۾ اتي رستن جي تعمير، آر او پلانٽس، ڊسپينسريون ٺاهيون ويون آهن. اتي بجلي جا جيترا ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن اڳ ڪڏهن ناهن ڏنا ويا. اتي جي ماڻهن جي معيار زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪچن گهرن ۾ رهندڙن لاءِ پڪا گهر ٺهرائي کين مفت فراهم ڪيا ويا. ٿرپارڪر ۾ ڊيول ڪيريج، ايئرپورٽ ٺاهيو ويو، جنهن جو ڪير سوچي به نٿو سگهي. هن چيو ته ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي منصوبن کي ماضي ۾ روڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي ئي ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ ڪوئلي مان اسان 200 سالن تائين بجلي ٻين ملڪن کي به ايڪسپورٽ ڪري سگهنداسين. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميڊيا ۾ منهنجي فارم هائوس تي موبائيل ميڊيڪل يونٽ جي خبرن ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه صداقت نه آهي. 2008 ۾ ٿرپارڪر ۾ منهنجو ڪوبه فارم هائوس هو ئي ڪونه ۽ جيڪڏهن ڪير ان کي ثابت ڪري ته منهنجي فارم هائوس ۾ ڪا موبائيل ميڊيڪل يونٽس يا ايمبولينس موجود هئي ته آئون هميشه لاءِ سياست ڇڏي ڏيندس. امن امان جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي. ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ به نمايان گهٽتائي واقع ٿي آهي ان جو سهَرو وزيراعليٰ سنڌ، سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري اسان جي پوليس، رينجرز ۽ امن امان جي بحالي وارن ادارن ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته اسان جي فورسز ڏوهارين، پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتاخورن کي وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ الحمدالله هلندڙ سال محرم الحرام ۽ خاص ڪري عاشور جي موقعي تي سيڪيورٽي جي فل پروف انتظامن جي ڪري ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ ڪنهن قسم جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو. مسلم ليگ ق پاران سنڌ حڪومت جي ناڪامي جي دعويٰ جي سوال تي هن چيو ته هاڻ هن ملڪ ۾ مسلم ليگ ق جو ڪوبه وجود نه آهي. سنڌ ۾ ته ق ليگ ته آهي ئي نه ته ان جا الزام يا دعويٰ جو ڪوئي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ان جا سمورا ماڻهو ته ٻين جماعتن ۾ ضم ٿي ويا آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي پي جڏهن به حڪومت ۾ ايندي آهي ته ان خلاف هميشه سازشون ٿينديون رهن ٿيون ۽ اسان جي حڪومت کان اڳ ٿرپارڪر جي جيڪا حالت هئي ان جو  جوابده ڪير آهي ان کي به ميڊيا هاءِ لائٽ ڪري. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحت کاتو 20 سالن کان پيپلز پارٽي وٽ نه رهيو آهي ۽ هاڻ هي کاتو اسان وٽ آيو آهي ان جو وزير جيڪي قدم کڻي رهيو آهي اهي به سڀني جي سامهون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *