سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه ٻيهر 182 روپيا مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صوبي ۾ ڪمند جو اگهه عوام جي خواهش تي ٻيهر 182 روپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 182 روپيا طئي ڪيو آهي اميد ته شوگرمل مالڪ ان کي قبول ڪندا، سنڌ ۾ حڪومت جي رٽ قائم آهي ۽ رهندي ، سنڌ ۾ لاشن ملڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ پوليس توڙي گهرو کاتي جي اختيارين کي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته آخر سنڌ ۾ بي گناهه ماڻهن کي ڇو ٿو ماريو وڃي.ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوامي مفادن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 182 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجهه شوگر ملن پيڙائي شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اميد آهي ته باقي رهيل ملون پڻ جلد پيڙائي شروع ڪنديون. وڏي وزير چيو ته سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي ۽ سنڌ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. اسان جي حڪومت هميشه زراعت تي خاص ڌيان ڏنو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ ما شا الله بهترين فصل ٿين ٿا. ڪپهه لڳاتار سرپلس ۾ آهي، کنڊ ۽ ڪڻڪ به سرپلس ۾ آهي. هڪ سال ته ايتري سرپلس ٿي وئي جو 2 لک ٽن ڪڻڪ ايڪسپورٽ به ڪئي وئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت عوامي ۽ جمهوري آهي جنهن ڪري اسان کي سڀ کان وڌيڪ عوام جا مفاد عزيز هوندا آهن.اسان ڪڻڪ جو اگهه مهانگائي کي نظر ۾ رکندي 1200 مان وڌائي 1250 روپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي ۽ عوام کي اٽو سستي اگهه تي مهيا ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪڻڪ تي 6. 4 بلين جي سبسڊي پڻ ڏئي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ حڪومت جي رٽ قائم آهي ۽ قائم رهندي ڪنهن سان به زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي. سنڌ ۾ لاشن ملڻ جي واقعن جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ ان بابت گهرو وزارت توڙي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ته ٻڌايو وڃي ته بي گناهه ماڻهن کي ڇو پيو ماريو وڃي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان سنڌ حڪومت هر وقت تيار آهي ۽ اها به پارٽي بنيادن تي ڪرائي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه چيو ته حيدرآباد هڪ وڏو شهر آهي اتي جي عوام جو مطالبو هو ته يونيورسٽي ڏني وڃي ان کي نظر ۾ رکندي اتي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ٺاهي ويندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ وڌ کان وڌ تعليمي ادارا قائم ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *