سنڌ حڪومت ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين لاءِ هاسٽل قائم ڪندي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پي ايڇ ڊي شاگردياڻين لاءِ بين الاقوامي مرڪز آءِ سي سي بي ايس ڪراچي يونيورسٽِي جي هڪ الڳ هاسٽل قائم ڪرڻ ۾ مالي مدد ڪندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت 23 ملين سان سنڌ ۾ دوائن جا ٻوٽا ۽ بيمارين ۾ انهن جي استعمال بابت معلومات کي آءِ سي سي ڊي ايس ڪراچي يونيورسٽي جي ماهرن جي مدد سان جامع ويب سائيٽ تي محفوظ ڪيو ويو آهي، صوبي جي يونيورسٽين مان مالي بحران ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ڪراچي يونيورسٽي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن جمعي تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌ ۾ چمڙي جي بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ نباتاتي علاج جي عنوان تي هڪ ڪوٺايل قومي سيمينار جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، تقريب ۾ مراد علي شاهه سميت پروفيسر ڊاڪٽر قيصر، اعجاز علي خان، آءِ سي سي بي ايس جو پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري، محترمه سمن ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر پنجواني ميموريل ٽرسٽ جي چيئرسن، جمال فائونڊيشن جي سربراهه سميت ٻين اهم شخصتين شرڪت ڪئي، مراد علي شاهه چيو ته هن سروي جو مقصد سنڌ جا اجتماعي انساني تجربا، حڪمت ۽ روايتي دوائن جي استعمال جي طريقن سان سرقي سان محفوظ ڪيو وڃي، اسان جي تاريخ ۾ ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سائنسدان صوبي جي گهٽين ۾ ويا هجن ۽ ايتري فائديمندي معلومات گڏ ڪئي هجي، ان کان اڳ مراد علي شاهه پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 23 ملين جي لاڳت سان هڪ جامع ويب سائيٽ جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ سمورن دوائن جي ٻوٽن بابت معلومات کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *