سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ 150 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ 150 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سومر ڏينهن ميڊيا کي ڪراچي پيڪيج جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ان پيڪيج تحت سڄو ڌيان ڪراچي واسين جي بنيادي مسئلن تي هوندو، جنهن ۾ ايمرجنسي سروس، پبلڪ ٽرانسپورٽ، پاڻي ۽ نيڪال جي سسٽم سميت ٻيون سهولتون شامل آهن، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي جي بنيادي ڍانچي خاص طور تي روڊن جي تعمير، سروس لينز، پلن، فلاءِ اوورز ۽ انڊر پاسز تي ڌيان ڏنو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ پ حڪومت ڪراچي ۾ ايمرجنسي سروسز ۾ گهري دلچسپي وٺي رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ملي سگهن، مڪاني ادارن واري وزير چيو ته واٽر بورڊ، ايمبولنس سروس ۽ هيلٿ سروسز جي حوالي سان مڪينزم تيار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هي پيڪيج مڪاني چونڊ اچڻ جي حوالي سان ناهي ڏنو ويو. ان پيڪيج تي ڪراچي ۾ ڪم هلندڙ سال جي آخر ۾ شروع ٿيندو ۽ ان پيڪيج تحت هلندڙ منصوبا 2018ع تائين مڪمل ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *