سنڌ حڪومت چيٽا ڀيٽي امتحان ۾ شريڪ ٿيندڙ اميدوارن جي ڄمار جي حد ۾ 2 سال جي واڌ ڪري 30 سالن مان 32 سال ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ٿيندڙ گڏيل چيٽا ڀيٽي امتحان 2018ع ۾ شريڪ ٿيندڙ اميدوارن جي ڄمار جي حد ۾ 2 سال جي واڌ ڪري 30 سالن مان 32 سال ڪري ڇڏي آهي. شيڊول ڪاسٽ اميدوارن جي ڄمار حد 33 سال جڏهن ته سرڪاري ملازمت ڪندڙ اميدوارن لاءِ ڄمار جي حد 35 مان 37 سال هوندي. واضح رهي ته وڏي وزير کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل چيٽا ڀيٽي امتحان 2018ع لاءِ اهليت جي حوالي سان ڄمار جي حد ۾ رعايت لاءِ ڪجهه ردخواستون مليون هيون. وڏي وزير چيو ته هُو ڪجهه اميدوارن کي رعايت نه ڏيندس، هن درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سڀني لاءِ ڄمار جي حد ۾ رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن هر هڪ اميدوار ان رعايت مان فائدو حاصل ڪري سگهي. واضح رهي ته وڏي وزير اڳئي سرڪاري کاتن ۾ پهرين جولاءِ 2016ع کان 30 جون 2018ع (پوليس سروس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت گڏيل چيٽا ڀيٽي وارن امتحانن ذريعي ڀريون ويندڙ اسامين کانسواءِ) جي لاءِ 15 سال عمر جي رعايت جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت 43 سال جي ڄمار جا درخواستگذار سنڌ حڪومت ۾ ملازمتن لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *