سنڌ حڪومت چونڊون ملتوي نه پئي ڪرائي، ڪجهه هنڌن تي تڪبنديون غلط ٿيون آهن: وڏو وزير

حيدرآباد (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد ۾ صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري ترقياتي ڪمن ۽ سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا آهن. وڏو وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد پهچڻ بعد سيد علي نواز شاهه جي رهائشگاهه تي پهتو آهي، جتي پ پ ڪارڪنن ٽڪيٽن ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ حيدرآباد پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ملتوي نه پئي ڪرائي، ڪجھ علائقن ۾ تڪبنديون غلط طريقي سان ڪيون ويون جنهن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي…سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ به پ پ ئي سوڀاري ٿيندي، پ پ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي لکين بي روزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن..وڏي وزير جو حيدرآباد پهچڻ تي ضلعي انتظاميا، چونڊيل نمائندن ۽ پ پ اڳواڻن استقبال ڪيو، جنهن بعد وڏو وزير سيد علي نواز شاهه جي رهائش گاهه پهتو، جتي ساڻس پ پ حيدرآباد، ٽنڊو الهيار ۽ مٽياري جي پ پ اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ پارٽي معاملن، ترقياتي ڪمن ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي مڪاني چونڊن ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف پ پ ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد جي ڪارڪنن سيد علي نواز شاهه جي رهائش گاهه ٻاهران سخت احتجاج ڪيو، ڪارڪنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ جيالن کي ٽڪيٽون ڏيڻ بدران من پسند ماڻهن کي نوازيو ويو آهي. ان کان اڳ وڏي وزير جي حيدرآباد آمد وقت سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن ته وڏي وزير جو هيليڪاپٽر هنگامي بنيادن تي نياز اسٽيڊيم جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ لاٿو ويو. جنهن دوران نياز اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انڊر 19 مئچ جيڪا ڪوئٽه ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ٿي رهي هئي اها مئچ روڪرائي وئي…صحافين طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مئچ روڪرائڻ تي هو انهن جو ٿورائتو آهي، اهڙيون مئچون هجڻ کپن ته جيئن نوجوانن جي حوصلا افزائي ٿي سگھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *