سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو ڊينگي پريوينشن اينڊ ڪنٽرول پروگرام جي ٽن سالن واري پروگرام لاءِ 274.982 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صوبي ۾ پهريون ڀيرو ڊينگي پريوينشن اينڊ ڪنٽرول پروگرام جي ٽن سالن واري پروگرام لاءِ 274.982 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو هن خميس ڏينهن صحت کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي ۽ ناڻي وارو صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، صحت وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، صحت وارو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، پروگرام مينيجر ۽ پروگرام ڊائيريڪٽر سميت ٻين مختلف پروگرامن ۽ منصوبن سان واسطو رکندڙ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سعيد مڱڻيجو ٻڌايو ته ڊينگي جي وبا 110 ملڪن ۾ ڦهليل آهي. هن چيو ته ان بيماري سبب هر سال اٽڪل 50 کان 52.8 ملين ماڻهو بيمار ٿيندا آهن جن مان تقريبن پنجوهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو زندگي وڃائي ڇڏيندا آهن. ان بيماريءَ ۾ واڌ جي سببن ۾ اربنائيزيشن، آبادي ۾ واڌ، پرڏيهه اچ وڃ ۾ اضافو ۽ گلوبل وارمنگ شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊينگي پهريون ڀيرو 2010ع ۾ آئي جڏهن سنڌ ۾ 4072 ڪيس ۽ پنجاب ۾ 5400 ڪيس سامهون آيا. 2011ع ۾ پنجاب ۾ ان بيماريءَ تباهي ڪري ڇڏي ۽ ڊينگيءَ جا 21000 ڪيس ٿيا جن ۾ 3050 ماڻهن جون زندگيون ختم ٿيون ۽ سنڌ ۾ 1079 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 18 اموات واقع ٿيون. سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته گذريل سال 3692 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 11 اموات ٿيون جڏهن ته پنجاب ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 40 اموات ٿيون. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت 2010ع ۾ ئي ڊينگي خلاف فل اسڪيل پروگرام جي ابتدا ڪئي هئي. سنڌ سرڪار جي صحت کاتي ڊينگيءَ تي گهڻي حد تائين قابو ڪري ورتو آهي ۽ مڪمل ضابطي لاءِ ڊينگي پروگرام جي شديد ضرورت آهي. سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته پهرين جنوري کان فيبروري 2016ع تائين ۾ ڊينگي جا 217 ڪيس صرف ڪراچي رجسٽر ٿيا آهن جن مان 132 مريضن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو جڏهن تي 85 مريضن جو او پي ڊي ۾ اعلاج ڪيو ويو. ان کان سواءِ حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هڪ هڪ مريض داخل ڪيو ويو خدا جو شڪر آهي ته ڪا به موت واقع نه ٿي. 2010ع کان 2016ع تائين جا انگ اکر اجلاس کي ٻڌائيندي صحت واري سيڪريٽري سعيد مڱڻيجي ٻڌايو ته صوبي ۾ 17039 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 106 اموات ٿيون. 2010ع ۾ 4072 ڪيس جڏهن ته 25 اموات ٿيون جنهن جو تناسب 0.6 سيڪڙو ٿئي ٿو. 2011ع ۾ اموات جي تناسب ۾ 1.6 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 1079 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا ۽ 18 اموات ٿيون. ان تي صحت کاتي ٺوس قدم کنيا ۽ آگاهي مهم هلائي وئي جنهن ڪري 2012ع ۾ 731 ڊينگي ڪيس ٿيا ۽ 4 اموات رپورٽ واقع ٿيون، جنهن جو تناسب 0.5 سيڪڙو ٿئي ٿو. 2013ع ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ ٿئي ۽ 5970 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 32 اموات ٿيون پر انهن جو تناسب 2012ع وارو 0.5 سيڪڙو ئي رهيو. 2014ع ۾ ڊينگي ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي 1276 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 16 اموات ٿيون جنهن جو تناست 1.2 سيڪٽرو ٿئي ٿو. 2015ع ۾ 3692 ڪيس داخل ٿيا ۽ 11 مريضن جي موت واقع ٿئي جيڪي 0.2 سيڪڙو ٿئي ٿو. ان تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاليسي فيصلو ڪندي ڊينگي پروگرام جي شروعات لاءِ 274.982 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان پروگرام تحت سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن مان انگ اکر گڏ ڪيا ويندا، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويندا،  بنيادي صحت مرڪز ۾ اٺ سيل سيپريٽر مشين لڳايون وينديون، سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي تشخيص ڪرڻ جا آلات ۽ پليٽيليٽ جا ميگا يونٽ فراهم ڪيا ويندا. ايندڙ مالي سال ۾ان پروگرام کي اي ڊي پي جو حصو بڻائي فل اسڪيل سطح تي شروع ڪيو ويندو. صحت واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته صحت کاتي ۾ 13 بلين رپين جا گڏيل طور تي 120 اسڪيمون جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن مان 86 جاري اسڪيمون ۽ 34 نيون اسڪيمون آهن. هن چيو ته جون 2016ع تائين مڪمل ٿيندڙ اسڪيمن ۾ شهيد بينظير ڀٽو ايڪسيڊنٽ ايمرجنسي اينڊ اينسلري سروسز ڪمپليڪس سول اسپتال ڪراچي جنهن تي لاڳت جو تخمينو 6082.9 ملين رپيا، سي ايم سي ايڇ لاڙڪاڻي ۾ نيورو سائنس ڪامپليڪس جي تعمير جنهن تي لاڳت جو تخمينو 214.63 ميلن رپيا آهي، سي ايم سي ايڇ لاڙڪاڻي ۾ 143.23 ملين رپين جي لاڳت سان سرجري ڊپارٽمينٽ جي اپ گريڊيشن، 162.477 ملين رپين جي لاڳت سان سروسز اسپتال ڪراچي کي بهتر بڻائڻ، 367.99 ملين رپين جي لاڳت سان اربن هيلٿ سينٽرز (ملير، ڪياماڙي، ڪورنگي) ڪراچي جي توسيع، 478.26 ملين رپين جي لاڳت سان جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز لاءِ الائيڊ فيسيلٽيز جو قيام، 112.946 ملين رپين سان پيڊياٽرڪ سينٽر ميرپورخاص جو قيام، 119.97 ملين رپين سان آر ايڇ سي تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال (تي ايڇ ڪيو) مير واهه ضلعي ميرپورخاص جي اپ گريڊيشن، 67.73 ملين رپين سان پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ لاڙڪاڻي جي بحالي ۽ مرمت، 133.4 ملين رپين سان آر ايڇ سيز نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اضافي سهولتن جي فراهمي، 18.12 ملين رپين سان وليج لطف الله پنهور ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ايم سي ايڇ سينٽر جي بي ايڇ ڪيو ليول تي اپ گريڊيشن، 1.5 بلين رپين سان ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ڄامشوري ۾ تعلقي اسپتالن جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتالن جي اپ گريڊيشن ۽ شڪارپور، بدين ۽ خيرپور ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتالن جي توسيع جون رٿائون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي ۽ منصوبابندي ۽ ترقيات کاتي هدايت ڪئي ته انهن رٿائن تي جاري ڪمن ۽ ڪمن جي معيار جي حوالي سان ان جو جائزو وٺن. هن چيو ته حڪومت عوام جي فلاح ۽ بهبود تي رقم خرچ ڪري رهي آهي انڪري ان جي صحيح ۽ وقت سر استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *