سنڌ حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز زمين جي ليز ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي زمين سوئي سدرن گئس کي ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت پاڪستان اسٽيل وٺڻ کان انڪار ڪري زمين جي ليز ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽر تاج حيدر جو چوڻ آهي ته وفاق پاڪستان اسٽيل جي رهتن بدلي زمين سوئي سدرن کي ڏيڻ ٿي چاهي، سنڌ حڪومت زمين پاڪستان اسٽِل  لاءِ ڏني هئي، پلاٽ ٺاهي وڪڻڻ لاءِ نه ڏني هئي. تاج حيدر چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل جي زمين سوئي سدرن گئس ڪمپني کي ڏئي رهي آهي.هن چيو ته ڪاغذ جي هڪ ٽڪڙي تي پاڪستان اسٽيل نٿي وٺي سگهي، وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل جي آڇ سان گڏ شرطن جي

وضاحت به ڪري. سنڌ حڪومت شرطون طئي ڪرڻ بنا پاڪستان اسٽيل نٿي وٺي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *