سنڌ حڪومت پاران ٻين شعبن جيان استادن کي به لائسنس جاري ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ حڪومت صوبي جي ٻين کاتن جيان استادن کي به لائسنس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت استادن کي لائسنس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻين شعبن جيان استادن کي به لائسنس جاري ڪيا ويندا، سردار شاهه چيو ته هاڻي صرف لائسنس وارا استاد ئي تعليمي ادارن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهندا، اهو لائسنس سنڌ ٽيچرز ٽريننگ اٿارٽي جاري ڪندو، تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته اهو فيصلو تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪيو ويو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *