سنڌ حڪومت پاران هلندڙ سال ڪمند تي ڪا به سبسڊي نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت، هلندڙ ڪمند تي ڪابه سبسڊي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وڏي وزير زراعت کاتي کي ڪمند جي اگهه بابت سفارشون هڪ هفتي اندر اماڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اگهن جي مقرري کان اڳ آبادگارن ۽ مل مالڪن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو،جنهن ۾ چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ،زراعت کاتي جي سيڪريٽري شاهد گلزار شيخ، پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلي ۽ ڪين ڪمشنر شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته گذريل سال جيان هن سال به سنڌ حڪومت ڪمند تي سبسڊي فراهم نه ڪندي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪمند جو اگهه کنڊ جي ڪارخاني مان جاري ٿيندڙ قيمت ۽ مل جو خرچ ڪڍڻ بعد مقرر ڪئي وڃي. سيد قائم علي شاهه زراعت کاتي کي اها پڻ هدايت ڪئي ته ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت سفارشون هڪ هفتي اندر سنڌ سرڪار کي اماڻيون وڃن. وڏي وزير واضح ڪيو ته هلندڙ سال صوبائي حڪومت ڪمند تي ڪابه سبسبڊي فراهم نه ڪندي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪمند جي اگهه جي مقرري کان اڳ آبادگارن ۽ مل مالڪن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *