سنڌ حڪومت پاران شگر ملز کي نوٽيس جاري، آبادگارن سان گڏ آهيون : شرجيل ميمڻ

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندن وٽان) آبادگارن کي ڪمند جو حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ خلاف ڪيترن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج کانپوءِ سنڌ حڪومت 28 شوگر ملن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شوگر ملون حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهه تي عمل نه ڪرڻ تي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي، سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪمند جي اگهه ۽ آبادگارن جي آڙ ۾ سياست ڪندڙن کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. اهي سڀئي اسان جا ووٽرز آهن ۽ کين ان ڳالهه جي چڱي ريت خبر آهي ته سنڌ حڪومت انهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، جيڪو حڪومت کي انهن لاءِ ڪرڻ گهرجي. جيڪي ملون انهن آبادگارن ۽ هارين کان حڪومت جي مقرر ڪيل 182 رپيا في مڻ ڪمند جي حساب سان خريد ناهن ڪري رهيون انهن کي وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ڪين ڪمشنر جي ذريعي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي استعيفا جي منظوري يا نه منظوري جو اڃا ڪوبه حتمي فيصلو منهنجي حساب ۾ ناهي ٿيو ۽ ان جي منظوري لاءِ شايد ميمبرن جي اسپيڪر وٽ ذاتي طور تي موجودگي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪمند جي مسئلي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه جو واضح موقف آهي ته سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل 182 رپيا في مڻ ڪمند جي حساب سان شگرملز آبادگارن کان ڪمند خريد ڪنديون. هن چيو ته ان کان پوءِ ملز مالڪ عدالتن ۾ هليا ويا ۽ هاڻ به اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ زير التوا آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ گذريل ڏينهن شگر ڪين ڪمشنر کي تاڪيد ڪئي آهي ته هو ملز مالڪن کي ان حوالي سان نوٽيس جاري ڪري ته هو آبادگارن ۽ هارين کان ڪمند سرڪاري مقرر ڪيل اگهه تي خريد ڪن. هن چيو ته آبادگارن ۽ هارين جي نالي تي ڪجهه سياستدان پنهنجي سياست چمڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر کين مايوسي کان سواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو. هن چيو ته آبادگار ۽ هاري جيڪي اسان جا ووٽر آهن کين ان ڳالهه جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي انهن سان گڏ بيٺي آهي ۽ ان کان اڳ به جڏهن شگرملن پاران ڪريشنگ سيزن جي شروع ٿيڻ جي باوجود ملون نه شروع ڪيون ويون تڏهن به اسان ئي ملن کي ڪريشنگ شروع ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾شرجيل ميمڻ چيو ته پهريان وفاقي حڪومت کنڊ تي سبسڊي ڏيندي هئي، جيڪا هاڻ ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سان به 6 کان 8 رپين جو فرق آيو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پاڻ سمورن آبادگارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ آبادگارن کي به ڄاڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت انهن سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪمند جي فصل سان لاڳاپيل آبادگار اسان جي زرعي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن ۽ اسان کي سندن مشڪل ۽ پريشانين جو به احساس آهي. تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفائن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان سلسلي ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ئي ٻڌائي سگهي ٿو البته منهنجي ڄاڻ جي مطابق اڃان تائين شايد انهن جون استعيفائون منظور ناهن ٿيون ۽ اهي اسپيڪر وٽ ئي آهن ۽ انهن جي منظوري لاءِ انهن ميمبرن جي ذاتي طور تي اسپيڪر وٽ موجودگي هجڻ ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *