سنڌ حڪومت پاران شڪارپور ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 5 لک في ڪس معاوضي جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار شڪاپور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي 5 – 5 لک رپيا ۽ زخمين کي علاج لاءِ هڪ هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شڪارپور سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ۽ زخمين کي علاج لاءِ امداد جو اعلان ڪيو. وڏي وزير چيو ته شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن کي 5 – 5 لک رپيا معاوضو ۽ سخت زخمي ٿيلن کي علاج لاءِ هڪ هڪ لک رپيا امداد ڏني ويندي. وڏي وزير چيو ته هو پاڻ شڪارپور پهچي شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ زخمين سان ملاقات ڪندو، واقعي ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *