سنڌ حڪومت وفاق جي گئس منصوبن تي اعتراض واري ڇڏيا، وريراعظم کي خط

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت وفاق پاران پنجاب ۾ گئس لائين بعد جا 97 منصوبا شروع ڪرڻ تي لکت طور تي اعتراض واري ڇڏيا ميڊيا رپورٽ مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه وزيراعظم نوازشريف کي خط لکيو جنهن ۾ پنجاب ۾ گئس لائين واڌ جا 97 منصوبو شروع ڪرڻ تي لکت طور تي اعتراض واريا ويا مرادعلي شآهه پنهنجي خط ۾ چيو ته اطلاعن مطابق وفاق 37 ارب رپيا گئس منصوبا پنجاب ۾ شروع ڪيا آهن جڏهن ته پنجاب ۾ گئس نيٽ ورڪ جي واڌ آرٽيڪل 198 جي خلاف ورزي آهي ڇو ته ان قسم جي منصوبن ۾ واڌ تي وفاقي حڪومت خود پابندي هنئي آهي جيڪڏهن سنڌ ۾ پابندي آهي ته پنجاب ۾ ڪهڙي طرح گئس ڏني پئي وڃي سياسي بنيادن تي خاص علائقن کي گئس فراهم ڪرڻ سان ناراضگي وڌي ويون آهن مرادعلي شاهه پنهنجي خط ۾ چيو ته پنجاب ملڪ جي ڪل 3 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو ۽ 42 سيڪڙو استعمال ڪري ٿو گئس جي پيداوار جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي سنڌ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سوئي سدرن گئس ڪمپني سنڌ ۾ ڳوٺاڻن شهري علائقن ۾ گئس ڏيڻ کان انڪاري آهي اداري جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گئس ڏيڻ تي وفاق پابندي مڙهي آهي وزيراعظم گئس جي فراهمي تي هڪ طرفي پابندي کي فوري ختم ڪرائي سمورا رهائشي صنعتي ۽ ڪمرشل سيڪٽرن کي فوري گئس فراهم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *