سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون سال 2016 جي شروعات ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ سال 2016 جي شروعات ۽ پنجاب حڪومت هلندڙ سال نومبر ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي.  سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته هو مڪاني چونڊون ايندڙ سال 2016 جي شرعات ۾ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. پنجاب حڪومت، پنهنجي خط ۾ هلندڙ سال 15 نومبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي. ٻنهي صوبن خط ۾ چيو آهي ته مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين جو اختيار به اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويو آهي، جنهن تي فوري طور تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي،اليڪشن ڪميشن پاران سڀاڻي مڪاني چونڊن لاءِ حتمي تاريخ ڏيڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *