سنڌ حڪومت مڪاني ادارن ۾ خصوصي فردن لاءِ نوڪريون رکڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي: مراد علي شاھھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت مڪاني ادارن ۾ خصوصي فردن لاءِ نوڪريون رکڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي ته جيئن اهي مقامي سطح تي حصو وٺي سگهن. آئون چاهيان ٿو ته هر ضلعي ۾ يونٽ قائم ڪري مختلف خصوصي فردن جي بحاليءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪريان، پر مونکي مخلص، پروقار ۽ خدا کان ڊڄندڙ رضاڪارن جي ضرورت آهي ته جيئن ان ڪم کي اڻٿڪ خدمت، محبت، ذاتي سارسنڀال ۽ محبت سان سرانجام ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس جي بئنڪوئيٽ هال ۾ خصوصي فردن جي صوبائي کاتي پاران منعقد ڪيل خصوصي فردن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪوٺايل پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. هي ڏينهن هر سال 3 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. پروگرام ۾ صوبائي وزير ساجد جوکيو، پارلياماني سيڪريٽري ڪلثوم چانڊيو، صلاحڪارن، صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، ان کان علاوه سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ معذورن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوزن پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته پروگرام جي ميزباني وڏي وزير جي معاون مددگار صادق ميمڻ ۽ سندس کاتي جو سيڪريٽري اختر بگٽي ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ خۡصوصي فردن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت آٽزم سينٽرز، ذهني صحت جي صورتحال، ذهني معذوري، ٻڌڻ کان محروم فردن جي بحالي لاءِ يونٽن کي قائم ڪرڻ لاءِ حقيقي ادارن جي مدد لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هي انتهائي حساس ڪم آهي جيڪو رڳو فنڊن سان ئي ٿي سگهي ٿو پر اهو ڪم ذاتي سار سنڀال، محبت، پيار ۽ محنت سان به ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته انهن جي نمائندن/وزير جيڪي مختلف خصوصي فردن کي بااختيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو انهن جي روزاني زندگي ۽ معاملن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته خصوصي فردن جي خدمت ڪرڻ سان کين (وزيرن) کي روحاني اطمينان مليو آهي ۽ اهو ئي اطمينان آهي جيڪو مون استادن، تربيت ڏيندڙن، فزيوٿراپسٽن ۽ رضاڪارن ۾ سندس (خاص فردن) جي خدمت ڪندي ڏٺو آهي. مراد علي شاهه چيو ته جڏهن هن سنڌ جي وڏي وزير جو عهدو سنڀاليو ته ڪجهه اسڪولن سان گڏ خاص فردن لاءِ تعليم گاهه به هئي جتي داخلا تمام گهٽ هئي. هن چيو ته مون معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هڪ مڪمل ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو آهي جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ سينٽر آهن جن مان ڪِن کي وفاقي حڪومت سنڌ کي منتقل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان هر طرح جي معذورن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هوءَ نئين قائم ڪيل سجاول بحالي مرڪز کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت خصوصي فردن جي مناسب سنڀال، تعليم، بحالي ۽ ووڪيشنل ٽريننگ کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف قانون جوڙيا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو سرڪاري نوڪرين ۾ خاص ماڻهن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. ان موقعي تي مختلف شهرن مان آيل مختلف سينٽرن ۽ اين جي اوز جي اسپيشل ٻارن ٽيبلوز، قومي ترانا ۽ ڊراما پيش ڪيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *