سنڌ حڪومت مستقبل ۾ رينجرز جو دائرو محدود ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ بل آڻڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي سنڌ حڪومت پاران عيد بعد اجلاس سڏائڻ جو فيصلو، ميمبرن کي ڪراچي ۾هجڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) باخبر ذريعن مطابق سائين سرڪار مستقبل ۾ رينجرز جو دائرو محدود ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ بل آڻڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي سنڌ حڪومت پاران عيد کان پوءِ اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سمورن سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي عيد کان پوءِ ڪراچي ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي تفصيل مطابق سائين سرڪار رينجرز کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رکڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي رينجرز پاران معاشي ڪرپشن جي خلاف ڪيل تازين ڪارروائين سائين سرڪار کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي پيپلزپارٽي جي قيادت وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير آڏو محمد علي شيخ جي گرفتاري اويس مظفر ۽ علي حسن زرداري جي گهرن تي ڇاپن جي معاملن تي ٻيهر سخت احتجاج ڪيو آهي ذريعن مطابق سنڌ حڪومت ٻن آپشنز تي اعلي سطحي مشاورت کان پوءِ رينجرز جا اختيار هڪ مهيني لاءِ گهٽائي ڇڏيا آهن. واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو رينجرز جي اختيارن ۾ صرف هڪ مهيني جي واڌ ڪئي ويئي آهي ان اڳ مسلسل ٽن مهينن جي واڌ ٿيندي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *