سنڌ حڪومت مرد شماري ۾ وڌيڪ دير جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر):سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي واري  صلاحڪار مولابخش چانڊيو پاران وفاقي حڪومت طرفان مارچ جي مهيني ۾ ٿيندڙ مردمشماري کي ممڪنه طور تي دير ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مارچ ۾ ٿيندڙ مردمشماري ۾ وڌيڪ دير ناقابل برداشت عمل آهي. هن چيو ته گڏيل مفادات ڪائونسل جي فيصلي تحت وفاقي حڪومت مردمشماري کي مقرر وقت تي صاف ۽ شفاف ۽ منصفانه انداز ۾ ڪرائي وڃي، ڇو ته هر 10 سالن کانپوٰءِ مردمشماري آئيني تقاضو آهي جنهن ۾ پهريان ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. هن چيو ته مردمشماري جي حوالي سان سنڌ صوبي ۽ بلوچستان صوبي  جي عوام ۾ خدشا ۽ تحفظات کي به دور ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت گهرشماري 6 مهينن ۾ڪرائي هئي ان لاءِ 3 ڏينهن ۾ مردمشماري ڪيئن ممڪن آهي. هن چيو ته مردمشماري کان اڳ نادرا ذريعي جاري ڪيل شناختي ڪارڊز جي به تحقيقات ڪرائي وڃي ته جيئن نقلي شناختي ڪارڊن جي به نشاندهي ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي خزاني واري وزير اسحاق ڊار جو هي چوڻ ته مارچ ۾ مردشماري نه ٿي ته آسمان نه ڪرندو هڪ غير سنجيده ۽ غير ذميدارڻه بيان آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان مردمشماري ۾ دير ڪرڻ، سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائڻ، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٻين معاملن ۾ عدم دلچيسپي ۽ ٽال مٽول سان ڪم وٺڻ سان صوبن ۾ احساس محرومي جنم وٺندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان مردمشماري ڪرائڻ جا انتظام مڪمل آهن ته پوءِ دير ڪرڻ وارا حربا ڇو استعمال ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته شماريات کاتي ۾ صوبن جي نمائندگي ڏئي جلد کان جلد تحفظات دور ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *