سنڌ حڪومت قبضا مافيا کي آخري وارننگ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ مهم ڪراچي سان گڏوگڏ اندرين سنڌ ۾ به زور شور سان جاري آهي ۽ ان جا اثر هاڻ عوام کي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ جتي جتي به قبضا آهن انهن کي آخري وارننگ ڏيان ٿو ته هو فوري طور تي گرين بيلٽ، فٽ پاٿ ۽ سرڪاري زمينن تان قبضن جو پاڻ مرادو خاتمو ڪري ڇڏين. ٻي صورت ۾ آپريشن جي صورت ۾ کين نقصان سان گڏوگڏ ڪيسن کي به  منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. مهم تي ڪنهن قسم جو اضافي بجيٽ خرچ نٿو ڪيو وڃي ۽ سمورا وسيلا ڊي ايم سيز ۽ ڪي ايم سيز پنهنجي بجيٽ مان ئي پورو ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن زولوجيڪل گارڊن (ڪراچي چڙيا گهر) ۾ سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ مهم جي ٽئين ڏينهن صفائي ۽ اتي وڻڪاري ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ سليم راجپوت، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ڊي جي پارڪس نياز سومرو، ايڊمنسٽريٽر سائوٿ افضل زيدي، ميونسپل ڪمشنر سائوٿ محمد رئيسي، محمد عاصم ۽ ٻيا به اتي موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير جي آمد تي ٻن ٻارڙين کيس گلدستا پيش ڪيا. صوبائي وزير، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين ٻهارو ڏئي ۽ چڙيا گهر ۾ وڻ لڳائي مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ مهم جو ٽيون ڏينهن آهي ۽ ان مهم جا اثر اڄ سڀني کي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته ميڊيا به ان مهم ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ منهنجي گذارش آهي ته هو ان سلسلي ۾ اسان تي تنقيد ضرور ڪن جڏهن ته ان مهم جا اثر ۽ ان جي آگاهي لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. شرجيل ميمڻ چيو ته 100 سيڪڙو صفائي جي دعويٰ نٿا ڪريون پر سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتو ان مهم لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال آڻي رهيو آهي ۽ ان جي ڪاميابي ۾ سول سوسائٽي ۽ عوام جي شرڪت ان ڳالهه جي ضمانت آهي. هن چيو ته اڄ شهر ۾ صفائي تي جيترو به عملو ۽ آفيسر نظر اچي رهيا آهن ايترو ماضي ۾ ڪڏهن نظر ناهن آيا ۽ اسان گوسڙو ملازمن جي خاتمي لاءِ جيڪي سخت قدم کنيا آهن ان جا اثر به سمورن کي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته مون سميت ڪمشنر ڪراچي، ڊي سي ۽ سمورن آفيسرن گذريل ٽن ڏينهن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ نه صرف دورا ڪري رهيا آهيون بلڪ هن پوري مهم کي مانيٽر به ڪيو پيو وڃي. ڪجهه هنڌن تي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان سلسلي ۾ به سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته هو انهن کي درست ڪرائين. هن چيو ته گذريل ڏينهن اسان ڪلفٽن ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ گرين بيلٽ تي قائم قبضن جو به خاتمو ڪيو آهي ۽ موجود هوٽلن ۽ ٻين قبضن کي ختم ڪرايو ويو آهي ۽ اسان ان دوران انهن هوٽل مالڪن جو ضبط ٿيل سامان کين واپس ڪري ڇڏيو آهي. پر اڄ آئون اهڙن سمورن دڪاندارن ۽ ٻين قبضو ڪندڙن کي آخري موقعو ڏيان ٿو ته هو فوري طور تي انهن قبضن کي ختم ڪري ڇڏين ۽ آپريشن دوران هاڻ جيڪو سامان ضبط ٿيندو اهو واپس نه ڪيو ويندو ۽ انهن جي دڪانن کي به سيل ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويندو. هن چيو ته سول سوسائٽي کي اپيل ڪريان ٿو ته هو هن مهم کي اوون ڪندي شهر ۽ صوبي ۾ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائين، ڇو ته جڏهن ماحول پرفضا هوندو ته امن به قائم ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته صفائي سٿرائي مهم ۾ ڪراچي واٽر بورڊ به مڪمل طور تي شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ کي سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن ته جن جن علائقن ۾ سيوريج جا مسئلا ۽ مين هالز تي ڍڪ نه هجڻ جون شڪايتون آهن انهن جو ازالو ڪيو وڃي ۽ شهر ۾ سيوريج جو ڪم بهتر کان بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته هاڻ حڪومت جون هدايتون نه مڃيندڙن آفيسرن لاءِ ڪوبه جواز قابل قبول نه هوندو ۽ جيڪي سرڪاري آفيسر يا ملازم ڪم نه ڪندا اهي سرڪاري کاتي جو حصو نه رهندا. هن چيو ته گوسڙو ملازمن جي حوالي سان به سخت قدمن جي ڪري هاڻ ملازمن جي وڏي تعداد ڪم تي واپس اچي وئي آهي. ۽ هاڻ کين ڪم ڪرڻ جي عادت وجهڻي پوندي، ڇو ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو هاڻ نه ٿيڻ ڏنو ويندو. ان موقعي تي هن ڪمشنر ڪراچي جي خدمتن کي به ساراهيندي چيو ته جهڙي طرح هن مهم جي شروعات کان وٺي هاڻ تائين جيڪو ڪم ڪيو آهي ۽ روزانه جي بنيادن تي وزٽ ۽ مانيٽر ڪري رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. شهر ۾ جمع ٿيندڙ ڪچري جي مقابلي ۾ کڻڻ جي گنجائش ۾ گهٽ جي سوال تي صوبائي وزير چيو ته روزانه شهر ۾ 12 هزار ميٽرڪ ٽن ڪچرو گڏ ٿئي ٿو جڏهن ته ايترو نٿو کڻي سگهجي ان جي ڪري اسان سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو قيام عمل ۾ آندو آهي ۽ هاڻ ان جي ذريعي خانگي ڪمپنين کي ڪچرو کڻڻ جو ٺيڪو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته لاهور جي آبادي ڪراچي کان به گهٽ آهي ۽ ان وٽ اسان کان وڌيڪ وسيلا آهن پر هنن اهو ٺيڪو ترڪي جي هڪ ڪمپني کي ڏنو آهي ۽ اسان به ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ اڳوڻي ٽائون جي بنيادن تي انهن ڪمپنين کي ٺيڪو ڏئي رهيا آهيون، مهم تي اضافي خرچ جي سوال تي هن چيو ته هن مهم ۾ هڪ رپيو به اضافي خرچ نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت يا ناڻي کاتي کان ڪا اضافي بجيٽ ورتي وئي آهي  بلڪ سمورو خرچ ڪي ايم سي ۽ سمورن ڊي ايم سيز پنهنجي بجيٽ مان ڪري رهيون آهن. ڪي ايم سي جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جي خراب حالت جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان سلسلي  ۾ گذريل ڏينهن ئي اعلان ڪيو آهي ته هڪ هفتي کان پوءِ ڪي ايم سي جي سمورين اسپتالن، ڊسپينسرين ۽ اسڪولن ۾ به ٻهارو گهمايو ويندو ۽ اهو صرف صفائي لاءِ نه هوندو بلڪ گوسڙو ملازمن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف به هوندو. ڪراچي ۾ پارڪنگ مافيا جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 90 سيڪڙو پاڪنگ غيرقانوني ۽ ان ۾ مارڪيٽن ۽ شاپنگ سينٽرز وارا  ملوث آهن. عوام کي به اهو گهرجي ته اهڙي طرح جي غيرقانوني پارڪنگ جي بجاءِ قانوني پارڪنگ ۾ پنهنجون گاڏيون بيهارين ته جيئن شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام متاثر نه ٿئي. هن چيو ته سول سوسائٽي ۽ عوام خود هن شهر ۽ صوبي کي جنهن ڏينهن اوون ڪري وٺندو هي صوبو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت صوبو بڻجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *