ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت ھيٺ فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ بابت اجلاس سند سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو علم الدين بلو، چيئرمين اينٽي ڪرپشن محمد اقبال ميمن، سيڪريٽري سروسز سعيد احمد مڱڻيجو سميت سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه چيو ته سال 2019 کان ھن وقت تائين 5327 فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيو ويو آھن. اجلاس ۾ اسڪول ايجوڪيشن ۾ 207, صحت کاتي ۾ 79، آبپاشي ۾ 37 ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ 60، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 34، زراعت ۾ 35، کاليج ايجوڪيشن ۾ 8، خوراڪ کاتي ۾ 8 ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ 9، پبلڪ ھيلٿ انجينئرنگ ۾ 18، گھرو کاتي ۾ 9، سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن ۾ 2، وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ 1 ۽ روينيو کاتي ۾ 28، اينٽي ڪرپشن ۾ 3، سوشل ويلفيئر ۾ 4 ۽ فاريسٽ کاتي ۾ 12 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين کي ھدايت ڪندي چيو ته ڪميٽي پاران منظور ڪيل اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏئي پگھارون جاري ڪيون وڃن. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کان ڊي آر سي بابت رپورٽ طلب چيو ته ٻڌايو وڃي ضلعي سطح تي ڊي آر سي جا ڪيترا اجلاس ڪيا ويا ۽ ڪيترن کاتن جي ڪيسن جي منظوري ڏني وئي آھي. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سمورن سيڪريٽرين کان فوتي ڪوٽا، معزور ڪوٽا بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي.