سنڌ حڪومت عزير بلوچ سميت 23 خطرناڪ ڏوهارين لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظور ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  23 سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين بشمول ويجهڙ ۾ گرفتار ڪيل عزير جان بلوچ جي لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيمز (جي آءِ ٽيز) جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزير اعليٰ هائوس مان جاري ٿيندڙ هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير 23 سنگين ڏوهارين ۾ ملوث ڏوهارين مسعود عالم عرف ڀولا چاچا، محمد اياز ولد عبدالقيوم، محمد حامد عرف پپو، سيد عظمت حسين عرف عظمت، محمد ارشد عرف اسد ڇوٽا، محمد نعيم، شعيب اختر، محمد ناصر عرف موڇڙ، عبدالرشيد عرف ڪاشف بيچ والا، محمد سعيد بلوچ، محمد محسن، محمد عدنان، محمد فاروق عرف لانڍي، دل مراد، محمد دانش، سليم، محسن عرف لمبا، ريحان عرف شانا، سيد عمران رضا، مهر بخش، عدنان عرف اي ڊي عرف دانش، محمد اسلم عرف منا ۽ عزير بلوچ لاءِ جي آءِ ٽيز جي منظوري ڏني آهي. محمد خرم عرف موٽا، محمد فرحان عرف فنٽر، محمد نويد، محمد شفيق، محمد سهيل ۽ منهاج قاضي جون جي آءِ ٽيز پائپ لائين ۾ آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي مان ڏوهاري عناصرن جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهي ۽ ان لاءِ سخت کان سخت قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ جي وڏي چيو ته دهشتگرد اسان جا ۽ اسان پياري ڌرتي جا دشمن آهن، اسان انهن جي ناپاڪ ادارن کي سمجهي رهيا آهيون ۽ اهو به ڄاڻون پيا ته انهن تي ڪهڙي ريت حملو ڪرڻو آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي جي عوام پيپلز پارٽي حڪومت تي عتماد ڪيو آهي جيئن ته انهن جي جان، مال ۽ آزاديءَ جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته جي آءِ ٽيز کان پوءِ ڏوهارين کي بهتر طريقي سان پراسيڪيوٽ ڪيو ويندو. جنهن لاءِ سمورا ضرور قدم کنيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *