سنڌ حڪومت طرفان لاهور ڌماڪي جي فوتين جي وارثن لاءِ 5 – 5 لک ۽ زخمين لاءِ 3 – 3 لک رپيا معاوضي جو اعلان

لاهور(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاهور جي گلشن اقبال پارڪ ۾ ٿيل دهشتگردي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي سنڌ حڪومت طرفان في ماڻهو 5 – 5 لک رپيا ۽ زخمين کي 3 – 3 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڱاري ڏينهن لاهور جي جناح اسپتال وڃي گلشن اقبال پارڪ ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. پ پ پنجاب جو صدر ميان منظور احمد وٽو، جنرل سيڪريٽري تنوير اشرف ڪائره ۽ ٻيا سينيئر اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري هڪ هڪ زخمي سان مليو ۽ کانئن طبيعت معلوم ڪئي. هن زخمين کي تحفا پڻ ڏنا ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.  لاهور جي جناح اسپتال ۾ زخمين جي عيادت بعد صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گلشن اقبال پارڪ ۾ ٿيل دهشتگردي وحشياڻي ۽ خوفناڪ دهشتگرديءَ جي واردات هئي. هن چيو ته هو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ زخمين سان همدردي لاءِ لاهور آيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان بم ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ معاوضو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڏنو پيو وڃي. پنجاب ۾ آپريشن بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اهو پنجاب صوبو جو مسئلو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي ئي فيصلو ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *