سنڌ حڪومت شروعاتي طور 8 ايڪڙ زمين ۽ 5 ڪروڙ روپيا ڏنا آهن: وڏو وزير

خيرپور (ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪالهه شام هتي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي لڳ قومي شاهراهه تي ايس او ايس چلڊرين وليج پاڪستان پاران سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان يتيم ۽ لاوارث ٻارن جي تعليم ۽ سار سنڀال لاءِ تعمير ڪرايل گهرن جو افتتاح ڪيو، پهرئين مرحلي ۾ پنج گهر ٺهرايا ويا آهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 10 گهر ٺهرايا ويندا. سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ شروعاتي طور 8- ايڪڙ زمين ۽ 5 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي آهي. ان حوالي سان منعقد ڪيل پروقار تقريب کي خطاب ڪندي، وڏي وزير چيو ته سماج جي نظرانداز ڪيل ۽ والدين جي شفقت کان محروم ٿي ويندڙ ٻارن جي بهتر پالنا ۽ سکيا سان ئي کين سماج جو ڪارگر انسان بڻائي سگهجي ٿو. هن ان قسم جي ٻارن جي بهتر ماحول ۾ سار سنڀال لهڻ ۽ کين جديد قسم جي تعليم ۽ سکيا جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي ايس او ايس چلڊرين وليج پاڪستان جي ڪوششن کي واکاڻيندي، يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت هن نيڪ مقصد لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر ۽ وفاقي وزير جاويد جبار، جيڪو هن اداري جي صلاحڪاري ڪائونسل جو چيئرمين پڻ آهي، چيو ته سماج جي نظرانداز ڪيل ۽ مائٽن جي شفقت کان محروم ٻارن کي يتيم ٻار سڏڻ سان منجهن احساس ڪمتري پيدا ٿئي ٿي ۽ اسانکي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ اهڙن ٻارن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻو آهي. هن خيرپور ۾ ايس او ايس چلڊرين وليج قائم ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت کان علاوه قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن جي پڻ ساراهه ڪئي. هن ٻڌايو ته هي ادارو گذريل چئن ڏهاڪن کان نالي وارن سرنديءَ وارن شخصيتن ۽ ادارن جي سهڪار سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ هن وقت سڄي ملڪ جي 17 شهرن ۾ 52 مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن اداري مان ڪيترائي ٻار فارغ ٿيڻ کانپوءِ مختلف ۽ اهم شعبن ۾ ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن. جاويد جبار وڌيڪ ٻڌايو ته هن اداري ۾ نه رڳو خيرپور ضلعي پر اتر سنڌ سان تعلق رکندڙ 150 ٻارن کي صرف ميرٽ آڌار داخلا ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته هر گهر تي پنجاهه لک رپيا لاڳت اچي رهي آهي. هن سرنديءَ وارن ماڻهن ۽ ادارن کي اپيل ڪئي ته هو هن نيڪ مشن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مالي سهڪار ڪن. تقريب کي ايس او ايس چلڊرين وليج پروگرام پاڪستان جي صدر ثريا انور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *