سنڌ حڪومت رعايتي اگهه تي ڪڻڪ فراهم ڪرڻ واري تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت رعايتي اگهه تي ڪڻڪ فراهم ڪرڻ واري تاريخ ۾ توسيع ڪندي اپريل تائين فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.. ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ وزير اعلي هائوس ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رعايتي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو امداي اگهه 3 هزار 250 روپيا ٻوري وڪرو ڪرڻ واري تاريخ وڌائي اپريل تائين وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ جو خوراڪ کاتو هاڻي اپريل تائين ڪڻڪ امدادي رعايتي اگهه تي خريد ڪري سگهي ٿو. اجلاس ۾ فيصلي بعد وڏي وزير قائم علي شاهه وفاقي حڪومت کي سنڌ کان 6 لک ٽن ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ خط اماڻي ڇڏيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي فراهمي کي فوري طور يقيني بڻائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *