سنڌ حڪومت دهشتگرد کي دهشتگرد سمجي ٿي ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي: سڪندر مينڌرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت دهشتگرد کي دهشتگرد سمجي ٿي، ڇو نه ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي، دهشتگردي خلاف ڪارروايئ جاري رهندي، ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ لساني، مذهبي گروهه کي حدف نه پيو بڻايو وڃي، اها ڳالهه سنڌ جي پارلياماني معاملن جي وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين جي توجه ڏياريو نوٽيس تي ڪئي، محمد حسين پنهنجي توجه ڏياريو نوٽيس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن دوران ايم ڪيو ايم جا همدرد، ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار قتل ٿي رهيا آهن، خاص ڪري اورنگي ٽائون، قبصبا علي ڳڙهه ۽ ناظم آباد ۾ کين نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ به ٽارگيٽ ڪلر گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پارلياماني وزير چيو ته ڪيترائي ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ٿي چڪا آهن، اها حقيقت آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي تنهنڪري دهشتگردن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اورنگي، قصبا علي ڳڙهه ۽ ناظم آباد ۾ 2013 کان هن وقت تائين ايم ڪيو ايم جا 12 ڪارڪنن، جڏهن ته پوليس جا 27 اهلڪار شهيد ٿيا، انهن علائقن مان 33 دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني جي توجه ڏياريو نوٽيس تي ناڻي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال دوران حيدرآباد جي ترقياتي پيڪيج لاءِ هڪ ارب 94 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن انهن مان هن وقت تائين 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جاري ٿي چڪا آهن، گذريل 5 سالن ۾ هن پيڪيج لاءِ 3 ارب 65 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، جڏهن ته 2 ارب 49 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا هئا، سنڌ  حڪومت حيدرآباد جي ترقي ۾ خاص دلچسپي وٺي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر نشاط محمد ضيا جي توجه ڏياريو نوٽيس تي نثار احمد کهڙو چيو ته ڪراچي جي علائقي گرين ٽائون ۾ ٻن اسڪولن تي لينڊ مافيا قبضو ڪيو هو ته ۽ هي سلسلو 2013 کان هلي رهيو هو، حڪومت قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻ اتي 16 ڪمرن جو اسڪول ٺهي رهي آهي، حڪومت ٻيهر قبضو ڪرڻ نه ڏيندي، ايم ڪيو ايم جي سليم ٽالپر جي توجه ڏياريو نوٽيس تي شرجيل ميمڻ چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن سکر ۽ نيو سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي آڪٽراءِ اينڊ ضلعي ٽيڪس جي متبادل طور ساليانو 3 ڪروڙ 55 لک رپيا ملن ٿا، انهن جي پگهارن جا خرچ 4 ڪروڙ 88 لک 62 هزار رپيا آهن، گنجائش کان وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ سبب پگهارون ۽ پينشنون ادا ڪرڻ جو مسئلو پيدا ٿيو آهي ۽ ادارا ڪمزور ٿيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *