سنڌ حڪومت جي درخواست تي پاڪ فوج جا دستا حساس جاين تي مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي درخواست تي پاڪ فوج جا دستا ڪراچي جي حساس جاين تي مقرر ڪيا ويا پوليس طرفان شهر ۾ 146جاين کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت فوج جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ دفاع واري وزارت کي درخواست ڪئي هئي جنهن کانپوءِ شهر جي حساس جاين تي فوجي دستا روانا ٿيڻ شروع ٿي ويا جتي فوج کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويندو ۽ ضرور پوڻ تي فوج انتظاميه جي فوري مدد لاءِ پهچي ويندي سنڌ پوليس ٽن زون ۾ فوج جي ضرورت تي زور ڏنو آهي سائوٿ زون ۾ 900 فوجي مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايسٽ ۾ 4 ڪمپني ۽ ويسٽ ۾ 3 ڪمپني حساس علائقن ۾ موڪلي پئي وڃي ڪراچي پوليس سائوٿ زون ۾ 58، ايسٽ ۾ 61 ۽ ويسٽ ۾ 27 جاين کي حساس قرار ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *