سنڌ حڪومت جو 17 سالن کانپوءِ افغان مهاجرن جي نئين سر رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت 17 سالن کانپوءِ افغان مهاجرن جي نئين سر رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي صوبائي گهرو کاتي لاڳاپيل ادارن ۽ وفاقي وزارتن سان افغانين جي معاملي تي لک پڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي 2003  کانپوءِ سنڌ ۾ رهندڙ افغان مهاجر جي رجسٽريشن نه ٿي سگهي هئي انهي ڪري ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ رهندڙ افغانين جو ڊيٽا سنڌ حڪومت وٽ موجود نه آهي، ڪافي سالن کان غيرقانوني طور رهندڙ افغانين جي خلاف قانونن تحت ڪارروائي به نه ڪئي وئي آهي هاڻي سنڌ جي گهرو کاتي لاڳاپيل ادارن ۽ وفاقي وزارتن سان افغانين جي معاملي تي لک پڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي سنڌ ۾ چار لک کان وڌيڪ افغاني رهن ٿا پر رجسٽريشن رڳو ٽي هزار جي آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ آباد سمورن افغانين جي رجسٽريشن ڪندي، سنڌ جو گهرو کاتو افغانين جي رجسٽريشن لاءِ طريقو جوڙي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *