سنڌ حڪومت جو ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ڪي ايم سي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (8 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جو گڏيل اجلاس اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ توانائي وارو وزير امتياز شيخ، ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سي اي او اليڪٽرڪ مونس علوي، ڊائريڪٽر ڪي اي حارث جامي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ بل ذريعي ڪي ايم سيز ۽ ڊي ايم سيز جي ٽيڪس اوڳاڙي بابت بحث ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته لوڪل ٽيڪس اوڳاڙي بھترين هجڻ گهرجي. اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي جي مڪاني ادارن کي مالي طور تي مضبوط ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪي ايم سي مختلف قسم جا 13 ٽيڪس اوڳاڙي ڪري ٿي. ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ذريعي ڪي ايم سي رڳو 2 ٽيڪس، فائر ٽيڪس ۽ ڪنسروينسي ٽيڪس گڏ ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته KMC هن وقت انهيءَ ٻنهي ٽيڪسن مان ساليانو  210 ملين رپيا گڏ ڪري ٿي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي بلن ذريعي ايم سي لاءِ 100 کان 200 روپيا وصول ڪندي آهي. ڪي اليڪٽرڪ KMC ان ٽيڪسن کي پنھنجي 2.56 ملين گراهڪن کان چارج ڪندي. هن چيو ته جيڪڏهن هيءَ ڪليڪشن واري معاهدي تي صحيحيون ٿي وڃن ٿيون ته انهيءَ سان ايم سي کي ساليانو 9 ارب رپيا ملندا اهڙي ريت ڪي ايم سي مالي طور تي مضبوط ٿي ويندو ۽ بهتر طريقي سان ترقياتي ڪم ڪري سگهندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي وچ ۾ اوڳاڙي وارو معاهدو ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ جا بل به آسانيءَ سان ادا ڪيا ويندا. وڏو وزير وفاقي حڪومت سان ڪي اليڪٽرڪ جي تجويز تي ڳالهائيندو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪي ايم سي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي قانوني اجازت ڏني وڃي. ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب چيو ته هن مڪمل اوڳاڙي وارو منصوبو تيار ڪيو آهي ۽ هي منصوبو KMC لاءِ هڪ انقلاب جيان هوندو. هن چيو ته هر مهيني صوبائي حڪومت جي فنڊن مان هلندڙ ڪي ايم سي مالي طور تي خوشحال ٿي ويندي..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *