
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪراچي کي 200 ايم جي ڊي واڌو پاڻي ڏيڻ لاءِ گجو کان پپري هڪ الڳ ڪينال تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هن واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي 30 سيڪڙو لائين لاسز کي گهٽائي ته جيئن 58 ايم جي ڊي پاڻي کي شهر لاءِ محفوظ ڪري سگهجي. هن اهو فيصلو اڄ ڪراچي واٽر بورڊ جي اهڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ ڪي-I، II، III جي موجوده نظام جي گنجائش کي بهتر بڻائڻ بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن تحت شهر کي پاڻي ملي رهيو آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان ۽ چيف انجنيئر شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ ٻڌايو ته شهر جي موجوده پاڻي جي گهرج 1200 ايم جي ڊي آهي جنهن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 406 ايم جي ڊي پاڻي ملي رهيو آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته صورتحال کي ڏسندي پاڻ جي فراهمي وارن منصوبن تي عملدرآمد ۽ ڊزائين تي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان چيو ته بلڪ واٽر سپلائي جا مختلف نظام شهر کي 406 ايم جي ڊي پاڻي ڏئي رهيا آهن. جنهن ۾ ڪي-I، 280 ايم جي ڊي، ڪي-II، 100 ايم جي ڊي ، ڪي-III، 100 ايم جي ڊي، حب سورس 100 ايم جي ڊي شامل آهن. هن چيو ته ڄاڻايل سڀني کي گڏائي 580 ايم جي ڊي ٺهي ٿو اهڙي ريت اٽڪل 30 سيڪڙو يعني 174 ايم جي ڊي پاڻي جو مجموعي طور نقصان ٿي رهيو آهي. هڪ سوال تي ايم ڊي چيو ته ڪراچي لاءِ مختص پاڻي 650 ايم جي ڊي آهي ته پوءِ ڇو نه واٽر بورڊ پنهنجي سسٽم کي سڌاري پيو. هن چيو ته جيڪڏهن واٽر بورڊ پنهنجي سسٽم کي سڌاري ته هو پنهنجي سسٽم ۾ 200 ايم جي ڊي پاڻي آڻڻ ۾ قابل ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن 174 ايم جي ڊي نقصانن کي 10 سيڪڙو گهٽائجي ته وڌيڪ 58 ايم جي ڊي پاڻي جي بچت ٿيندي. وڏي وزير واٽر بورڊ کي گجو کان پپري 250 ايم جي ڊي پاڻي جي گنجائش جي حامل هڪ ڪينال تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي جتان کان پاڻي شهر لاءِ پهرين کان ڪم ڪرڻ واري سسٽم ۾ پمپ ڪيو ويندو. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته منصوبي تي اٽڪل 11 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان جي ڪجهه حصن لاءِ ڪانٽريڪٽ 135 ايم جي ڊي گنجائش جي حامل ڪينال جي تعمير لاءِ ڏنو ويو هو. وڏي وزير چيو ته هي 250 ايم جي ڊي جي حامل ڪينال هوندي. هن چيو ته آئون فنڊز جو بندوبست ڪندس ڇوته هن شهر جي پاڻي جي ضرورت ۽ ٻين منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي. صوبائي وزير بلديات اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان اسٽيل ملز 28 ايم جي ڊي، پورٽ قاسم 7 ايم جي ڊي کان دستبردار ٿي رهي آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز ۾ ڪم نه پيو ٿئي ان ڪري کيس ضرورتن جي ٻيهر کان تشخيص ڪئي و؟ي. هن چيو ته 4 ايم جي ڊي، ڊي ايڇ اي کي ڏئي رهيا آهيون جيڪو اسٽيل ٽائون/گلشن حديد جي آبادي کان وڌيڪ آهي ان ڪري اسٽيل ملز جي ضرورتن جي هڪ ڀيرو ٻيهر تشخيص ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ وڏي وزير کي ٻڌايو ته حب کان 100 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي کان 50 سيڪڙو نقصان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نقصان گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 8 سيڪڙو تائين هجڻ گهرجن. هن چيو ته هو واپڊا اٿارٽيز سان کيس شروع ڪيل 16 ڪلوميٽر واري واٽر ڪنوينس سسٽم کي سڌارڻ لاءِ ڳالهائيندو ۽ ان کانپوءِ واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ڪينال کي بهتر ڪن ۽ پاڻي جي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي. وڏي وزير چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ڪينجهر کان گجو ڪينال جي تعمير ۽ واٽر بورڊ جو ٺٽو کان ڌاٻيجي، حب کان ڪراچي موجوده ڪنوينس سسٽم کي سڌارڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري. هن چيو ته واٽر بورڊ پاڻ کي هڪ خود انحصار ادارو بڻايو آهي پر اسان واٽر بورڊ کي سپورٽ ڪنداسين پر واٽر بورڊ پنهنجو پاڻ کي بهتر بڻائي.