سنڌ حڪومت جو پلاسٽڪ جي ٿهيلين تي پابندي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ماحوليات بابت صلاحڪار ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو پلاسٽڪ جي ٿيلن تي مڪمل پابندي لڳائڻ وارو اعلان هلندڙ سال پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندو. پوري صوبي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلين جي تياري، وڪڻڻ ۽ استعمال تي مڪمل پابندي هوندي. صوبائي صلاحڪار پابندي جو اعلان سنڌ جي ماحوليات واري کاتي ڪيو آهي ماحوليات کاتي پلاسٽڪ جي ٿيلين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو آهي ماحوليات کاتي پاران عوام ۾ ڪپڙي جا ٿيلا ورهايا ويندا. ماحوليات واري صلاحڪار ڪلفٽن ٽي تلوار تي عوام ۾ ڪپڙي جا ٿيلا ورهايا، شهرين پاران ماحوليات کاتي جي پذيرائي لاءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪپڙي جا ٿيلا ورها يا ويندا ڪپڙي جي ٿيلن جي ورهائڻ جو مقصد پلاسٽڪ جي ٿيلين جي استعمال کي روڪڻ آهي. ڪراچي سميت پوري سنڌ جي عوام جي آگاهي مهم ۾ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏيو. پلاسٽڪ جون ٿيليون بڻائيندڙ ڪارخانيدارن، دڪاندارن ۽ قومي ميڊيا ي به تعاون جي اپيل آهي ڇو ته ڪاخانيدارن، دڪاندارن ۽ ميڊيا جي تعاون کان بغير مهم ڪامياب ٿيڻ مشڪل آهي. پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏيو. پلاسٽڪ جي ٿيلين جي استعمال تي پهرين کان پابندي آهي. اسان ان تي عمل ڪرائڻ چاهيون ٿا. پهرين آڪٽوبر کان  پوءِ قانون حرڪت ۾ ايندو. پابندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ پلاسٽڪ جي ٿيلين جو استعمال، بڻائڻ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پلاسٽڪ جون ٿيليون ماحولياتي گدلاڻ جو سبب آهن. ڪراچي جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نالا چوڪ ٿيڻ جو ڪارڻ پلاسٽڪ جون ٿيليون آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون، ماحوليات ۽ سامونڊي ترقي بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاھ دهلي ڪالوني پهچي صفائي مهم جو جائزو وٺندا. دهلي ڪالوني ڪنٽونمنٽ جو علائقو آهي هتي به سنڌ حڪومت جي تحت صفائي مهم جاري آهي ڇو ته اسان عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري رهيا آهيون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *